ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سال 2023-24 ۽ 2024-25 جي بجيٽ منظور

اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي نيو ملير ۽ تيسر ٽائون ڏنل پلاٽن جي 20/80 ادائيگي لاءِ سمري موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي

ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سال 2023-24 ۽ 2024-25 جي بجيٽ منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وزير بلديات ۽ چيئرمين گورننگ باڊي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي سعيد غني جي صدارت ۾ گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ سال 2023-24 ۽ 2024-25 جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ گذريل گورننگ باڊي جي اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ان منٽس جي مڪمل پروگريس رپورٽ اڄ جي گورننگ باڊي جي اجلاس جي منٽس سان گڏ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صحافين کي نيو ملير ۽ تيسر ٽائون ۾ ڏنل پلاٽن جي 20 سيڪڙو ادائيگي ميمبرن کان، جڏهن ته 80 سيڪڙو ادائيگي سنڌ حڪومت طرفان ڪرائڻ لاءِ وزير اعلى سنڌ کي سمري موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي. تفصيلن موجب ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گورننگ باڊي جو اجلاس چيئرمين گورننگ باڊي ۽ صوبائي وزير بلديات سعيد غني جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد خالد حيدر شاهه، ايڊيشنل ڪمشنر سيد غضنفر علي شاهه، چيف انجنيئر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن آفتاب چانڊيو، ڊي جي ايم ڊي اي نجم الدين سهتو، ڊائريڪٽر فنانس وقاص علي سومرو، ڊائريڪٽر لينڊ محمد فاروق بگٽي، سپرينٽينڊنٽ انجنيئر سراج نظير، ايگزيڪيوٽو انجنيئر نيو ملير ذيشان، تيسر ٽائون محمد عارف، ڊپٽي سيڪريٽري ڪامران خان ۽ ٻيا شريڪ هئا. اجلاس ۾ گذريل گورننگ باڊي جي اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته چيو ويو ته ان اجلاس جي منٽس سان گڏ گذريل گورننگ باڊي جي اجلاس جي پروگريس رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته گذريل اجلاس ۾ اسان مان ڪو به ميمبر سواءِ واٽر بورڊ جي ايم ڊي جي موجود نه هو ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ صلاح الدين به اڄ هتي موجود نه آهن، تنهن هوندي ان منٽس تي ان وقت جي ميمبرن جون صححيون موجود آهن، ان ڪري ان کي منظور ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ ۽ تيسر ٽائون ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي فراهمي بابت ڊي جي ايم ڊي اي ڄاڻ ڏني ۽ اجازت طلب ڪئي ته گورننگ باڊي ان بابت فيصلو ڪري، جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بجلي جي فراهمي ترقياتي ڪمن جو حصو آهي ۽ ان جي لاءِ گورننگ باڊي کان منظوري جي ضرورت ناهي. اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ طرفان 19 ڪروڙ رپين جي ادائيگي باوجود تيسر ٽائون ۾ بلڪ واٽر سپلائي جي عدم فراهمي ۽ واٽر بورڊ طرفان ايم ڊي اي تي 42 ڪروڙ رپين جي رهتن تي صوبائي وزير سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ واٽر بورڊ سان گڏجي معاملو حل ڪرڻ ۽ انهن رهتن جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ سالياني بجيٽ 2023-24 ۽ 2024-25 جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.