English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجهو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبرڪشائي، جزا ورتا ويا
views
|
15th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جي ٻن پروفيسرن ته جوڙيل ٽيم ڊاڪٽر شاهنواز ڳوٺ جانھيرو پهتي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌڙي لڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ء مقتول ڊاڪٽر جي لاش ساڙڻڻ واري مامري جو عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي خبر موجب لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جي ٻن پروفيسرن ته جوڙيل ٽيم ڊاڪٽر شاهنواز ڳوٺ جانھيرو پهتي جتي 26 ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ميڊيڪل ٽيم جزا کڻي واپس رواني لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر وسيم قريشي, ڊاڪٽر طاهر، ڊاڪٽر واحد، ڊاڪٽر راحيل ۽ پنج ڊاڪٽرن نگراني ۾ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ٽيم جوڊيشل مجسٽريٽ عمرڪوٽ عامر راجپوت جي نگراني ۾ مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش قبر مان ڪڍي جزا ورتا لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائينس کان آيل ميڊيڪل بورڊ ٽيم ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا جزا کڻي واپس رواني ٿي وئي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر تي پهچي قبر ڪشائي ڪري جزا وٺي رپورٽ لاڳاپيل کاتن کي موڪليو ويندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش جا تيرانھن جزا ورتا آھن جيڪي ليبارٽري ٽيسٽ ڪيا ويندا ھڪ مھيني اندر رپورٽ پڌري ڪئي ويندي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪرڻ وقت ايس ايس پي عمرڪوٽ عذيز احمد ميمڻ پڻ موجود ھو سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا صحافين کي قبر جي ويجهو اچڻ کان روڪيو ويو هن معاملي ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ جانچ ۽ قانوني ڪارروائي ٿيڻ جي اميد آهي مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن ۽ سول سوسائٽي سانڃا وندن عام ماڻهو جون نظرون هاڻي رپورٽ تي ڄميل جنهن مان ڪيس ۾ اهم انڪشافات ٿيڻ جا امڪان آهن ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھي ڪيس ھائي پروفائيل ليول جو آهي انھي ڪري اسان مجسٽريٽ جي نگراني ء ڊاڪٽر جي ٽيم کان سواءِ ڪنھن کي به قبر ڪشائي دوران نه ڇڏيو ويو فريادي پڻ موجود ھو اسان جو ڪم سيڪورٽي ڏيڻ ھو جيڪو اسان انتظام سخت ڪيا ويا هئا. فريادي محمد ابراهيم ڪنڀار صحافين سان ڳالھيندي چيو تہ مونکي قبرڪشائي بابت لکت م ڪا به ڃاڻ نه ڏني وئي مونکي شوشل ميڊيا تي خبر پوڻ تي آئون ڳوٺ جانهيرو پھتس جتي ميڊيڪل بورڊ ٽيم مجسٽريٽ ء پوليس پھتل ھئي ھن چيو ته ھن رپورٽ جا نتيجا صحيح ڏنا ويا ته قبول ڪبا نه ته اسين وري عدالت کان رجوع ڪنداسين ھوڏانھن ذريعن موجب اھي چوٻول آهن مقتول ڊاڪٽر کي ڪنهن نجي جائي تي تشدد جو نشانو بڻائي بعد ۾ جعلي مقابلو ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ڪيس جا پيرا مٺائڻ لاءِ لاش کي ساڙيو ويو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2025
•
سندھ
تم الزام لگاتے رہو، ہم خدمت کرتے رہیں گے: ملک نثار احمد کا ملک برادری اور عوام کے ساتھ مل کر احتجاج
22nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ برسات کانپوءِ شهرن جي خراب صورتحال
22nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران ـ اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل کي پھتل نقصان!
21st Jul 2025
•
سندھ
کوئٹہ میں قوالوں کی گاڑی پر حملے میں شہید ہونے والوں کے لواحقین سے سماجی شخصیت سید امتیاز الحق بخاری کا اظہارِ افسوس
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي، آبادگار پاڻي لاءِ پريشان آهن: اياز لطيف پليجو
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قائم ڪمپني جي انتظاميہ جون رهواسين سان مبينا زيادتيون
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنب واسي جوڙي نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: حادثي ۾ سوزوڪي ڊرائيور فوت ٿيڻ واقعي ۾ بس ڊرائيور گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
سنڌڙي
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل
0 تبصرے