English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوان ڪينال ٺاهڻ جي سازش سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي، سنڌو درياءَ تي ڪو بہ ڪينال ۽ ڊيم قبول ناھي: اياز لطيف پليجو
views
|
11th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهڻ وارن منصوبن کي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو
حيدرآباد)بيورو) سڀاڻي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس جي تياري ڪميٽي جو اجلاس قومي عوامي جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت هيٺ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي سنڌو درياھ تي ڪينال منصوبن کي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آھي تہ نوان ڪينال ٺاهڻ جي سازش سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي، سنڌو درياءَ تي ڪو بہ ڪينال ۽ ڊيم قبول ناھي. آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. سنڌ جا ٻيٽ، وسيلا، لکين ايڪڙ زمينون، ملڪيتون، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، پاڻي، روزگار سميت سنڌ جي ھر شيء چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري تين وال ڪري رھيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي. آھي سازشون بند ڪيون وڃن. اجلاس ۾ الطاف خاصخيلي، شوڪت سريوال ،عباس پٺاڻ،اڪبر خاصخيلي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو،وجهي ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
تازہ ترین
تمام سرکاری اداروں میں شفاف طریقے سے خریداری اور خدمات کا حصول حکومت کی اولین ترجیح ہے، وزیراعظم
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محترم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي توجهه لاءِ کليل خط
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
اسماعيل ڏاهري، سندس ڪٽنب ۽ حامين خلاف ڪارروائين پٺيان آصف علي زرداري جو هٿ آهي: حميده ڏاهري
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ سُڪي پئي، وفاق وري نوان ڪينال ٺاهي پيو وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کي خط
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے