آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي جيڪا ڳالھ ڪئي آھي اھا سنڌي ماڻھن سان دشمني آھي: پليجو

سنڌو بچايو تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي عوام روڊن تي نڪري سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو

آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي جيڪا ڳالھ ڪئي آھي اھا سنڌي ماڻھن سان دشمني آھي: پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سازش خلاف سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ڪامياب ريلين ۽ مظاھرا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي تہ وسيلن ۽ سنڌو درياھ جي سوديبازي جي شرط تي پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آھي. جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نہ ڪري سگھيو اھو ڪم آصف زرداري ڪري رھيو آھي پر سنڌ جا ماڻھو وسيلن جي نيلامي ۽ سنڌو درياھ کي ختم ٿيڻ نہ ڏيندا. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ 6 نوان ڪئنال سنڌو درياھ جي قتل جو پروانو آھن. اھا سازش ھرگز ڪامياب ٿيڻ نہ ڏني ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي جيڪا ڳالھ ڪئي آھي اھا سنڌي ماڻھن سان دشمني آھي. انڊس رور سسٽم ۾ پاڪستان جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. گرين پاڪستان منصوبو دراصل بنجر ۽ ڀڙڀانگ سنڌ منصوبو آھي. سنڌ خلاف سازش دراصل پاڪستان خلاف سازش آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ته ڪڏھن گريٽر ٿر ڪئنال جو رينگٽ ڳائي سنڌ کي بيابان ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿو. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري لکين ايڪڙ آباد زمين ويران ٿي وئي آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. زير زمين پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي، جنھنڪري ماڻھن ۾ بيماريون پکڙجي رھيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري پيپلز پارٽي سنڌ جو پاڻي ھميشه لاءِ پنجاب جي حوالي ڪرڻ چاھي ٿو. سنڌو درياھ لاءِ احتجاج شروعات آھي. ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر سراپا احتجاج بنجي ويندا. سنڌو درياھ خلاف سازش بند نہ ٿي تہ لکين ماڻھو رستن تي اچي حڪمرانن کي ھلڻ نہ ڏيندا. انڪري سنڌ دشمن فيصلا بند ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ دشمن سازشون قبول ڪري رھي آھي. وفاق ۽ پنجاب سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن. وفاقي حڪومت ارسا ایڪٽ ۾ تبدیلي آڻي سنڌو تي ڌاڙا ھڻڻ چاھي ٿي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙا ھڻڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا ايڪٽ ۾ ترمیم بابت اجلاس ایوان صدر ۾ ٿیو، جنھن ۾ آصف زرداري غیر آئیني طور سنڌ دشمن عمل جي منظوري ڏئي چڪو آھي, قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جو عوام انھي سنڌ دشمن عمل جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ مزاحمت ڪندو. ارسا ایڪٽ ۾ تبدیلي گريٽر ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊیم ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن جیتري ئي سنڌ دشمن ۽ خطرناڪ سازش آھي. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي. جيڪو ڪم آمر حڪومتون نہ ڪري سگھيون اھو ڪوجھو ڪم آصف زرداري اقتدار لاءِ ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام سنڌو درياھ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪندو. وفاقي حڪومت ۽ آصف زرداري سنڌ کي ديوار سان نہ لڳائين ۽ سنڌ دشمن سازشون بند ڪن.