English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي پريس ڪلب ھڪ تاريخي ادارو آھي جنھن جو جمھوريت جي لاءِ اھم ڪردار آھي: آصف حيدر شاھھ
14 views
|
25th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
سالانھ قسطن تي ڏني پئي وڃي، ڪراچي پريس ڪلب مالي مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي، رقم گڏيل ادا ڪئي وڃي:صدر/سيڪريٽري
ڪراچي (رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي پريس ڪلب ھڪ تاريخي ادارو آھي جنھن جو جمھوريت جي لاءِ اھم ڪردار آھي، اڱاري ڏينھن تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه پاران ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب خان سميت گورننگ باڊي جي عھديدارن پاران استقبال ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر، سيڪريٽري ۽ گورننگ باڊي پاران چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪراچي پريس ڪلب جو سووينئر ۽ سنڌ جو تحفو اجرڪ پيش ڪيو ۽ پريس ڪلب جي مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ويو، ان موقعي تي جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، ميمبر گورننگ باڊي نواب قريشي، شمس ڪيريو، نور محمد ڪلھوڙو، مونا صديقي، شعيب احمد بھ موجود ھئا، صدر ۽ سيڪريٽري سالانھ گرانٽ بابت ڳالھائيندي ٻڌايو تھ گرانٽ قسطن تي ڪري ڏني پئي وڃي، جنھن جي ڪري ڪراچي پريس ڪلب کي ڪيترائي مالي مسئلن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، جيئن تھ بقايا رقم گڏيل ادا ڪئي وڃي تھ جيئن مسئلن تي قابو آڻي سگھجي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ يقين ڏياريو تھ ڪراچي پريس ڪلب جي سالانھ گرانٽ جي رقم جلد ادا ڪئي ويندي، ۽ ان سسلسلي ۾ ھر ممڪن پنھنجو ڪردار ادا ڪندس، جڏھن تھ صحافي ڪالوني ھاڪس بي جي ترقياتي ڪمن ۽ 700 نون ميمبرن جي پلاٽس بابت ڪاغذي ڪاروائي ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪي آھي ان سلسلي ۾ ايندڙ ھفتي اجلاس طلب ڪري معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، سيد آصف حيدر شاھھ چيو تھ ڪراچي پريس ڪلب جو جمھوريت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اھم ڪردار آھي، منھنجو ڪراچي پريس ڪلب سان ڪافي پراڻو تعلق آھي، صحافين جي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جون خدمتون مثالي آھن، پريس ڪلب ھميشھ جمھوري ادارن جي فروغ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي، ھن چيو تھ صحافين جي مسئلن جو حل حڪومت جي پھرين ترجيح آھي، ان حوالي سان قدم کنيا ويا آھن، چيف سيڪريٽري چيو تھ صحافي ڪنھن بھ معاشري جو آئينو ھوندا آھن، ان پاران عوامي مسئلن جي نشاندھي ڪئي ويندي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
آصف حيدر شاھھ
ڪراچي پريس ڪلب
KPC
ڪراچي
0 تبصرے