سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ بيچ ٽوڪي 15 کان پوءِ جي شاگردن لاءِ خاص سپليمينٽري امتحانن جو اعلان

پروگرامن جا شاگرد، جيڪي وڌ ۾ وڌ ٻه سيمسٽر يا ست مضمونن ۾ ناڪام ٿيا آهن، انهن کي خاص امتحان ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ بيچ ٽوڪي 15 کان پوءِ جي شاگردن لاءِ خاص سپليمينٽري امتحانن جو اعلان

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل پنهنجي 81هين اجلاس ۾ بيچ ٽوڪي 15 کان پوءِ جي شاگردن لاءِ خاص ضمني امتحانن جو اعلان ڪيو آهي. ان فيصلي تحت بيچ ٽوڪي_15، ٽوڪي_16، ٽوڪي_17، ٽوڪي_18 ۽ ٽوڪي_19 جي، بي ايس سي (ايگري) آنرز، بي اي (ايگري)، بي ايس آئي ٽي، بي ايس سي (فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي) ۽ ڊي وي ايم پروگرامن جا شاگرد، جيڪي وڌ ۾ وڌ ٻه سيمسٽر يا ست مضمونن ۾ ناڪام ٿيا آهن، انهن کي خاص امتحان ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو، اڪيڊمڪ ڪائونسل جي منظور ٿيل قرارداد موجب، اهي شاگرد جيڪي ڪنهن سيمسٽر ۾ غير حاضر رهيا يا جيڪي سي جي پي اي گهٽ حاصل ڪري سگھيا آھن، انهن لاءِ خاص امتحانن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف جيڪي شاگرد مڪمل سيمسٽر ۾ غير حاضر رهيا يا اهل نه ٿيا، انهن کي ھر سيمسٽر موجب مقرر ڪيل فيس جمع ڪرائي ٻيهر رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، ان سان گڏوگڏ، اهي شاگرد جيڪي امتحان ۾ تي شريڪ ٿيا، پر پنھنجا مضمون ڪليئر نه ڪري سگهيا يا اھي پنهنجو سي جي پي اي بهتر ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي ست مضمونن تائين خاص سپليمينٽري امتحان ڏيڻ جي اجازت هوندي، کين هر مضمون لاءِ مقرر ڪيل فيس ادا ڪرڻ لازمي جمع ڪرائڻي پوندي.