ميرپورخاص ۾ صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن مير طارق ٽالپر جي سربراهي ۾ اجلاس

ميرپورخاص ۾ صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن مير طارق ٽالپر جي سربراهي ۾ اجلاس

ميرپورخاص ۾ صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن مير طارق ٽالپر جي سربراهي ۾ اجلاس

ميرپورخاص(بيورو) ميرپورخاص ۾ برساتن جي هنگامي صورتحال بابت اڄ هڪ اهم اجلاس ڪمشنر ڪامپليڪس ۾ صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن مير طارق علي خان ٽالپر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو.اجلاس ۾ صوبائي مشير جنيد بلوچ، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص رشيد مسعود خان، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري، ميرپورخاص جي ميئر عبدالرئوف غوري سميت مختلف ضلعي کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر رشيد مسعود خان صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن مير طارق علي خان ٽالپر کي مينهن ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزير شهرين ۽ ٻهراڙي جي علائقن مان پاڻي جي فوري نيڪاسي ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ميڊيڪل ڪيمپن جي قيام ۽ ريسڪيو جي هدايتون جاري ڪيون ويون. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته پاڻي جي قدرتي لنگهن تان رڪاوٽون هٽائي نيڪاسي بحال ڪئي وڃي. مير طارق علي خان ٽالپر چيو ته سڀئي کاتا عوام سان سڌي رابطي ۾ رهن ۽ ميدان ۾ چوويهه ڪلاڪ موجودگي کي يقيني بڻائين هن ميرپورخاص جي عوام کي يقين ڏياريو ته اهي ڪنهن به پريشاني ۾ سڌو سنئون هن سان رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ هن پنهنجي مستقل موجودگي جو به يقين ڏياريو. صوبائي وزير صورتحال تي ضابطي لاءِ سڀني کاتن جي موثر ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪئي ويندي. مير طارق علي خان ٽالپر چيو، "اسان کي هر مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻي پوندي.