ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به سنڌ دشمن تبديلي قبول نه ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو

ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به سنڌ دشمن تبديلي قبول نه ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو

ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به سنڌ دشمن تبديلي قبول نه ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ارسا ايڪٽ ۾ ڪا بہ سنڌ دشمن تبديلي قبول نہ ڪئي ويندي. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ دشمن سازشون قبول ڪري رھي آھي. وفاق ۽ پنجاب سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ارسا ایڪٽ ۾ تبدیلي آڻي سنڌو تي ڌاڙا ھڻڻ چاھي ٿي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙا ھڻڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا ايڪٽ ۾ ترمیم بابت اجلاس ایوان صدر ۾ ٿیو، جنھن ۾ آصف زرداري غیر آئیني طور سنڌ دشمن عمل جي منظوري ڏئي چڪو آھي, قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جو عوام انھي سنڌ دشمن عمل جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ مزاحمت ڪندو. ارسا ایڪٽ ۾ تبدیلي گريٽر ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊیم ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن جیتري ئي سنڌ دشمن ۽ خطرناڪ سازش آھي. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي. جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف بہ نہ ڪري سگھيا اھو ڪوجھو ڪم آصف زرداري اقتدار لاءِ ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام سنڌو درياھ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪندو. وفاقي حڪومت ۽ آصف زرداري سنڌ کي ديوار سان نہ لڳائين ۽ سنڌ دشمن سازشون بند ڪن.