ڪراچي ۾ حادثي دوران فوت ٿيل لا جي شاگرد عرض محمد لوهر واري واقعي خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاج

ڪراچي ۾ حادثي دوران فوت ٿيل لا جي شاگرد عرض محمد لوهر واري واقعي خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاج

ڪراچي ۾ حادثي دوران فوت ٿيل لا جي شاگرد عرض محمد لوهر واري واقعي خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊر) ڪراچي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل زيبل يونيورسٽي جي لا جي شاگرد عرض محمد لوهر جي قاتل بس ڊرائيور جي گرفتاريء لاء لا اسٽوڊنٽ ۽ مختلف سياسي و سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو مظاهرين جي اڳواڻي زين العابدين , محمد يوسف عباسي , تنوير اڪبر , علي شير مڱريو , زنوار لاشاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ هفتو اڳ ڪراچي جي ڪينٽ واري علائقي ۾ تيز رفتار بس جي ٽڪر جي نتيجي ۾ زيبل يونيورسٽي جو شاگرد عرض محمد لوهر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪجھ ڏينهن بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي هنن چيو ته ڪراچي ۾ پراڻيون ۽ ٿرڊ ڪلاس بس سروس جي تيز رفتار ۽ لاقانونيت جي علامت بڻيل آهن جيڪي انسانن جي لاء موت جي راڪاس کان گهٽ ناهن جن کي فل فور بند ٿيڻ گهرجي ته جيئن انساني جانيون بچي سگهن هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ بغير لائسنس سان هلندڙ ۽ ٽريفڪ قانون جي لتاڙ ڪندڙ بسن کي بند ڪري انساني جانين کي تحفظ فراهم ڪري عرض محمد لوهر جي قاتل ڊرائيور کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو