پ پ جي ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي پاران ميرپور بٺورو جي مختلف علائقن جو دورو

پ پ جي ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي پاران ميرپور بٺورو جي مختلف علائقن جو دورو

پ پ جي ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي پاران ميرپور بٺورو جي مختلف علائقن جو دورو

سجاول (گلشيرميربحر )پ پ پ جي ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي ميرپور بٺورو جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي انتظامن جو جائزو ورتو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي ميرپور بٺورو جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي انتظامن جو جائزو ورتو. چيئرمين ٽائون ڪميٽي غلام علي خواجا، ٽائون آفيسر اسحاق جوڳي ۽ فدا سومرو پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي مختلف ڊسپوزل اسٽيشنن جو معائنو ڪيو ۽ ٽائون ڪميٽي سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن جي موجودگي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو پڻ ورتو. هُن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن ماڻهن کي پريشاني کان بچائي سگهجي. سيد شاھ حسين شاھ شيرازي چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار ھر وقت فيلڊ ۾ موجود رھن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ سميت روڊن رستن کي جلد بحال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻين. ھُن چيو تہ برساتي پاڻي جي نيڪال واري عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ھن چيو تہ عوام کي مشڪل وقت ۾ ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو ھر گز نہ ڇڏيو ويندو، سندن ھر ممڪن سھڪار کي يقيني بڻايو ويندو، اسان جي سياست ۽ جدوجهد جو واحد مقصد عوام جا مسئلا حل ڪري سندن زندگين ۾ خوشحالي آڻڻ آهي.