English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊوآدم جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي مسافرن لاءِ لڳل بجليءَ جا پنکا گذريل ڪيترن ئي سالن کان غائب،
views
|
23rd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊوآدم جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي مسافرن لاءِ لڳل بجليءَ جا پنکا گذريل ڪيترن ئي سالن کان غائب،
ٽنڊو آدم( حسنين عاشق ساند) ٽنڊوآدم جي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي مسافرن لاءِ لڳل بجليءَ جا پنکا گذريل ڪيترن ئي سالن کان غائب، ريل گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويهندڙ مسافرن پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊويزنل اليڪٽرڪ ڪراچي کي شڪايتون ڏنيون پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. اسٽيشن ماسٽر. رپورٽ موجب گذريل 9 سالن کان ٽنڊو آدم اسٽيشن جي پليٽ فارم تي مسافرن کي هوا ڏيڻ لاءِ ڇت جا 10 پنکا غائب آهن، ان سلسلي ۾ شهرين رضا محمد، علي رضا، محمد عثمان، نانڪ رام سيجواڻي ۽ ٻين اسٽيشن ماسٽر محمد هاشم ميمڻ کي شڪايت ڪئي. اهڙي شڪايت بعد ميڊيا ٽيم پهچي تفصيل ورتا. ان موقعي تي اسٽيشن ماسٽر ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اسان ڪافي ڀيرا ڊويزنل اليڪٽرڪ انچارج ڪراچي کي لکت ۾ شڪايتون ڪري ڄاڻائي چڪا آهيون پر ڪو به کڙتيل نه نڪري سگهيو، واقعي قهر جي گرمي آهي مسافرن کي تمام گهڻي پريشاني ڏسڻي پئجي رهي آهي. رابطي ڪرڻ تي ڊويزنل اليڪٽرڪ ڪراچي امتياز احمد سان رابطو ڪيو ويو ۽ شڪايت ڪئي وئي هن چيو ته مونکي پهريان خبر نه هئي ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏيو ته ٽنڊو آدم اسٽيشن جي پليٽ فارم تي مسافرن جي سهولت لاءِ بجليءَ جا پنکا لڳائي ڏيون ٿا. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مسافرن جي سهولت لاءِ پليٽ فارم تي لڳل بجليءَ جا پنکا اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر ۽ بي ڪيبن جو پنکو خراب هئڻ جي صورت ۾ پليٽ فارم تان پنکا ڪڍي انهن جي آفيس ۾ لڳايا ويا آهن. پليٽ فارم تي موجود مسافرن پڻ مطالبو ڪيو آهي ته ٽنڊو آدم جي اسٽيشن تي فور طور تي بجليءَ جا پنکا لڳا وڃن ته جئين ريل گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٺل مسافر پريشاني کان محفوظ رهي سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌڙي توکي سدائين قنڌار کان جوکو
16th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايـوانِ صـدر ۾ ٻه نه، هڪ پاڪستان ويٺو ھو
16th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
هي پيپلز پارٽي آهي — جتي شهيدن کي ياد رکڻ عقيدت نه، روايت آهي
16th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سُريلي آواز جو بادشاهه ڪمارسانو
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير شاهينا شير علي پاران ڊي سي ملير سان گڏ يوسي مظفرآباد جو دورو
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
آغا سراج دراني پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هڪ عظيم سرمايو هئا، جنهن آخر تائين پارٽي سان نڀايو: شرجيل انعام ميمڻ
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افغان بستيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن، گهر ڊاهڻ دوران پٿرا۽ فائرنگ: 3 زخمي، 4 گرفتار
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمن گوٺ پوليس هٿان سماجي اڳواڻ سليم جي ميمڻ جا ڀائر گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽنڊوآدم
اسٽيشن
0 تبصرے