ملير جي گھگھر واري علائقي ۾ قبضن ۽ حددخلين جو آزار، ٽريفڪ جام معمول بڻيل

ملير جي گھگھر واري علائقي ۾ قبضن ۽ حددخلين جو آزار، ٽريفڪ جام معمول بڻيل

ملير جي گھگھر واري علائقي ۾ قبضن ۽ حددخلين جو آزار، ٽريفڪ جام معمول بڻيل

ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي گهگهر کي قبضا گير چوڌاري گهيري ويا، صنعتي علائقي کان وٺي گهگهر بازار قومي شاهراهه ۽ داخلي رستن مٿان وڏي پئماني تي حد دخليون شروع، ٽرانسپوٽرن گاڏين جون قطارون بيهاري ڇڏيون ٽريفڪ اهلڪارن ڪارروائي بدران گاڏين تي ڀتو مقررڪري ڇڏيو ،انتظاميه خاموش، ڪنهن وقت به وڏو حادثو رونما ٿيڻ جو انديشو، تفصيل موجب ملير جي علائقي گهگهر کي چوڌاري قبضا گير گهيري ويا آهن ان سلسلي ۾ صنعتي علائقي کان وٺي گهگهر بازار قومي شاهراهه ۽ داخلي رستن تي حد دخليون شروع ڪري ٽرانسپوٽرن گاڏين جون قطارون بيهاري ڇڏيون آهن جنهن سبب ڪو وڏو سانحو رونما ٿي سگهي ٿو، انتظاميه جي لاپرواهي سبب وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو موجود آهي گاڏين بيهڻ سبب مختلف وقتن تي حادثن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگي جا ڏيئا اجهامي ويا آهن، ٽريفڪ چوڪي کان سسئي پل تائين قائم هوٽلون پارڪنگ کان وانجهيل آهن، گاڏيون قومي شاهراهه سان لڳ بيهن ٿيون هوٽلن تي کاڌي پيتي لاءِ ويندڙ ماڻهو حادثن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته حددخلين جو آزار جئين جو تئين موجود آهي، حددخلين سبب بازار مان گذرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، ٻئي طرف ٽرانسپورٽ اڏن تان ٻلٽي، يا مختلف فيڪٽرين مان آرڊر ملڻ جي انتظار ۾ هر وقت روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل رهنديو آهن، جنهن سبب مصروف ترين شاهراهه سميت علائقي واسين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان سلسلي ۾ گھگھر جي سياسي سماجي اڳواڻن جان محمد جاني، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي، اعجاز سولنگي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ٽريفڪ پوليس جو عملو ٻيڻي اوڳاڙي ۾ مصروف ۽ ٽريفڪ تي ڪنٽرول لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي گاڏين جي ڊگهي قطارن سبب ايمرجنسي جي صورت ۾ ايمبولينس سميت ڪا به گاڏي گذري نٿي سگهي گاڏين جي ڊگهي قطارن سبب ڪيترائي ڪلاڪ مريضن کي به ان عذاب مان گذرڻو پوي ٿو.هنن ٻڌايو ته چوڪي جي ايس او کي ڪيترائي ڀيرا حددخلين جي شڪايت ڪئي آهي، روڊ تان ناجائز قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ملاقاتون ڪيون پر ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو. هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، ۽ قانون سان لاڳاپيل اعلي عهديدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گهگهر جي مک بازار مان حد دخليون ۽ قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان هر وقت بيٺل گاڏين کي هٽايو وڃي ته جيئن شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.