وزيراعليٰ سنڌ ٻڌائي تھ آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟: اياز لطيف پليجو

وزيراعليٰ سنڌ ٻڌائي تھ آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟: اياز لطيف پليجو

وزيراعليٰ سنڌ ٻڌائي تھ آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ وزيراعلي سنڌ ٻڌائي تہ آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟ معصوم ٻارڙي 35 مھينن کان قيد ۾ آھي. مغوي ٻارڙي جي ماءُ مسلسل احتجاج ڪندي رھي آھي، سڄي سنڌ مان مطالبا ٿي رھيا آھن پر ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ ڪا حڪومت ئي ناھي جيڪا ماڻھن جا مطلبا ٻڌي. مسئلا حل ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن بہ وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ معصوم پريا ڪماري کي 10 محرم تي سبيل ھلائيندي اغوا ڪيو ويو هو. جيڪڏھن ڪنھن وزير يا ڪنھن طاقتور حڪومتي عملدار جو ٻار اغوا ٿئي ھا تہ چند ڪلاڪن ۾ اھو بازياب ٿي وڃي ھا ۽ جوابدار کي عبرت جو نشانو بنايو وڃي ھا. اياز لطيف پليجي چيو تہ وزيراعلي مراد علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ کي گھرجي تہ اھي فوري طور معصوم پريا ڪماري جي گھر پھچي وارثن سان ملاقات ڪري کين ٻارڙي جي بازيابي جي خاطري ڪرائين. پريا ڪماري جو اغوا ڪيس وارثن جي مرضي سان داخل ڪرايو وڃي. وارثن جن جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪرائڻ چاھين ٿا، اھي ڪيس ۾ شامل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي.