شڪارپور ۾ بدامني خلاف شڪارپور بچايو تحريڪ ايڪشن ۾ اچي وئي، ايس ايس پي عرفان سمون سان ملاقات

شڪارپور ۾ بدامني خلاف شڪارپور بچايو تحريڪ ايڪشن ۾ اچي وئي، ايس ايس پي عرفان سمون سان ملاقات

شڪارپور ۾ بدامني خلاف شڪارپور بچايو تحريڪ ايڪشن ۾ اچي وئي، ايس ايس پي عرفان سمون سان ملاقات

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ بدامني خلاف شڪارپور بچايو تحريڪ ايڪشن ۾ اچي وئي پھرين مرحلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون سان وفد جي ڪئمپ آفيس پھچي امن امان يقيني بڻائڻ لاء ملاقات ڪئي وئي وفد پاران تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي چارٽر آف ڊمانڊس پيش ڪيو ويو شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد پاران قائم مقام چيئرمين علي احمد ٻرڙو جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي وئي جنھن ۾ جنرل سيڪريٽري استاد عبدالوھاب ڪاغذي جوائنٽ سيڪريٽري علامہ صاحبزاده فضل الله نوراني پريس سيڪريٽري عبدالغفور دايو اڳوڻو چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني اڳوڻو وائيس چيئرمين علامہ مسعود احمد قادري ڪامريڊ احسان جيھو علامہ مشتاق احمد سھندڙو مولانا عبدالفتاح مھر پڻ شامل ھيا انھي موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون وفد سان ڳالھائيندي چيو ته شھرين جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي اولين ترجيح ۾ شامل آ ھن وڌيڪ چيو ته ھن وقت شڪارپور جي ڪچي واري علائقن ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ھلندڙ آ ڪافي مغوي بازياب ڪرائي چڪا آھيون بدامني جو اصل ڪارڻ قبيلائي تڪرار ۽ غربت آ جڏھن ته ڪچي وارن علائقن ۾ ڊولپمينٽ سان خوشحالي ايندي ڏوھي وارداتن ۾ گهٽتائي ايندي ڪوشش ڪيون پيا تہ شھر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪيو جنھن لاء پلان جوڙيل آ پيٽرولنگ ، سنيپ چيڪنگ پڻ وڌائي ويندي آخر ۾ ھن پاران لاڳاپيل ايس ايچ اوز کي شڪايتن تي بروقت حدن ۾ امن امان يقيني بڻائڻ جون سخت ھدايتون پڻ ڏنيون ويون