ھالا ۾ جماعت اسلامي پاران محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ مھانگائي، بدامني، بجلي جي بلن ۾ واڌ، ڳرن ٽيڪسن خلاف ريلي

ھالا(رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان ھالا ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بدامني ۽ بجلي بلن ۾ واڌ سميت ڳرن ٽيڪسن خلاف مسجد شھداء نيشنل ھاءِ وي کان اللہ والا چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سخت گرمي باوجود ڪارڪن جي ڀرپور شرڪت، بجلي بل گھٽايو، مھانگائي ۽ بدامني ختم ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا. احتجاجي مظاھري کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، ضلع مٽياري جي امير محمد امين لاکو، فقير محمد لاکو ۽ ايڊووڪيٽ عاشق ڌامراھ خطاب ڪيو.سنڌ جي امير محمد حسين محنتي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو تہ مھانگائي ، بدامني بجلي جي ڳرن بلن عوام جو جيئرو رھڻ محال بڻائي چڏيو آھي ، چونڊ مھم دوران 300يونٽ فري بجلي ڏيندڙ حڪمرانن بجلي گيس جي بلن ۾ مسلسل اضافو ڪري عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي. عوام انھن ٺڳ حڪمرانن کي پنھجا وعدا ياد ڏيارين.حڪمرانن ملڪي تاريخ ۾ عوام دشمن بجيٽ ڪري آء ايم ايف سان نمڪ حلالي ڪئي آھي. 26 جولاء تي اسلام آباد جو ڌرڻو تاريخي ھوندو. جماعت اسلامي ظلم جي خلاف پُرامن تحريڪ جاري رھندي.#