English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيرڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي
views
|
11th Jul 2024
•
سنڌي خبرون
پيرڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي
خيرپور (رپورٽر) پيرڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان ڇڪتاڻ برقرار، ڌرين جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت قتل، هڪ زخمي، علائقي ۾ خوف واري صورتحال. پيرڳوٺ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان ڇڪتاڻ برقرار، . ٻنهي ڌرين جي هٿياربند ماڻهن پاران هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جاگيراڻي برادري جي عورت فهميده جاگيراڻي مارجي وئي آهي. جڏهن ته سولنگي برادري جو نوجوان آصف علي سولنگي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي. ان سلسلي ۾ جاگيراڻي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سولنگي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب اسان جي عورت فهميده قتل ٿي وئي آهي، وڏا ماڇيون پوليس بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود واقعي واري هنڌ ناهي پهتي. ٻئي طرف سولنگي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي ڌر جي ماڻهن اسان مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي جنهن ۾ اسان جو نوجوان آصف سولنگي سخت زخمي ٿي پيو آهي. وڏا ماڇيون پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت جي قتل ۽ نوجوان جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي، واقعي واري هنڌ پهچڻ بعد حقيقتن جي خبر پوندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پيرڳوٺ
جاگيراڻي ۽ سولنگي
0 تبصرے