نوشھروفيروز ۾ آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج

نوشھروفيروز ۾ آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج

نوشھروفيروز ۾ آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي 23 خريداري سينٽرن ۾ تازو خريد ڏيکاريل 9 لک 30 هزار ڪڻڪ جي ٻورين مان 4 فوڊ انسپيڪٽرن1 لک 30 هزا ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ڪري ڇڏيون ڊي ايف سي فوڊ ۽ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر پاران ڳري رشوت وٺي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وزيرعلي. گلفام علي .رياض حسين.اعجازعلي. نورمحمد. ممتازعلي.گل شير.ديدارعلي. ڌڻي بخش.محمدنواز.آصف علي. محمد قاسم. الهڏنو.علي جان .ولي محمد . محمد حڪنواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ اڳواڻي ڪندڙن چيو ته خوراڪ کاتي نوشهروفيروز تازو ڪڻڪ جي خريداري دوران 23 خريداري سينٽرن تي 9 لک 30 هزار ڪڻڪ جو ٻوريون خريد ڏيکاريون آهن جن مان 11 خريداري سينٽرن نوشهروفيروز،لاڙڪ،ڀورٽي، چيهو، جي ايس بڙدي، ڪمال ديرو.ٺاروشاه.مٺياڻي .ڦل. درياخان مري مٿان مقرر ٿيل فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين 80 هزار کان مٿي ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ڪري ڇڏيون آهن جن جي ماليت 80 ڪروڙ کان مٿي جي ٻڌائي پئي وڃي باقي 12 خريداري سينٽرن تي مقرر3 فوڊ انسپيڪٽرن نبي بخش لغاري الهڏنو ميمڻ، الطاف ڪيريو به 50 هزار ٻوريون پنهنجي خريداري سينٽرن تان غائب ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري سنڌ حڪومت کي 1 ارب 30 ڪروڙ رپين جو نقصان پيو آهي هنن چيو ته اسان کي خوراڪ کاتي جي ملازمن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اصل ۾ فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين ۽ اڳوڻي ڊي ايف سي وسيم جمالي ملي ڪجهه ٺيڪيدارن کي ايڊوانس ڪروڙن جا بل جاري ڪيا جن صرف خريداري سينٽرن جي رڪارڊ ۾ ڪڻڪ جمع ڪرائي آهي باقي اصل ۾ ڪڻڪ پهچائي ناهي جنهن ڪري ڊي ايف سي وسيم جمالي کي هٽائي ڊي ايف سي وسيم ابڙو کي مقرر ڪيو ويو جنهن پڻ فوڊ اانسپيڪٽرن کان ڳري رشوت وٺي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان درخواست اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر نوشهروفيروز وٽ جمع ڪرائي ان پڻ فوڊ انسپيڪٽرن سان شوڪت آرائين جي هٿ تي ڊيل ڪري پيسا وٺي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي پر اسان جو احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو جنهن وقت تائين غلط سرڪاري ڪڻڪ جا انگ اکر ڏيکاريندڙ فوڊ انسپيڪٽرن شوڪت آرائين . نبي بخش لغاري . الهڏنو ميمڻ . الطاف ڪيريو کي گرفتار ڪري تازو 23 خريد ڪيل سينٽرن تي ڏيکاريل 9 لک 30 هزار ڪڻڪ جي ٻورين جي ٻيهر ڳڻپ نٿي ڪرائي وڃي