موھن جو دڙو ويجھو شادي نه ٿيڻ تان نوجوان پاران مبينا آپگھات

موھن جو دڙو ويجھو شادي نه ٿيڻ تان نوجوان پاران مبينا آپگھات

موھن جو دڙو ويجھو شادي نه ٿيڻ تان  نوجوان پاران مبينا آپگھات

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان فتح پور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ علي شير ڪلهوڙو جي رهواسي 25 سالن جي نوجوان الطاف ڪلهوڙو پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان گهر ڀاتين کان ناراض ٿي پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آھي، اهڙو اطلاع فتح پور پوليس کي ڏنو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو. جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن فتح پور پوليس جو چوڻ آهي تہ هنن نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب هو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن. فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪُهرام مچي ويو.