ٺٽي ۾آل سنڌ ايجوڪيشن لوئراسٽاف ايسوسيئشن جي ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

ٺٽي ۾آل سنڌ ايجوڪيشن لوئراسٽاف ايسوسيئشن جي ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

ٺٽي ۾آل سنڌ ايجوڪيشن لوئراسٽاف ايسوسيئشن جي ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

ٺٽو(ڊ ر)آل سنڌ ايجوڪيشن لوئراسٽاف ايسوسيئشن ضلع ٺٽي جو ضلع ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي صدر فراز علي ساٽي جي صدارت ۾ گورنمنٽ گرلس هاء اسڪول مڪلي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ مرڪزي سينئر نائب صدر محمد الياس جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي برهماڻي خصوصي شرڪت ڪئي اجلاس کان پوء مرڪزي صدر فراز ساٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ضلع ٺٽي ۾ ڊي اي او پرائمري آفيسر ننڍن ملازمن سان نا انصافين جو ازالو ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ ڪا مصبت موٽ نه ملي ته سڄي سنڌ ۾ ڊي اي او هٽايو تحريڪ هلائي ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويندو هن چيو ته ايندڙ هفتي سيڪريٽري تعليم سان ملاقات رکيل آهي جتي ضلع ٺٽي جا سمورا مسئلا پيش ڪيا ويندا جنهن ۾ يونيفارم بجيٽ هڙپ ڪرڻ پروموشن نه ڏيڻ سميت ننڍن ملازمن جون جبري بدليون ڪرڻ جي لکت ۾ پڻ شڪايت ڪئي ويندي اجلاس ۾ ضلع صدر منير احمد بروهي عبدالڪريم خاصخيلي نيڪ محمد بروهي راشد سمون عباس ڪلوئي جيلاني بروهي درياخان جوکيو قادر واريو اشرف ٻارڻ سميت عهديدارن ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي