اي پي سي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني، ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ احتجاجي مظاهرا

اي پي سي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني، ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ احتجاجي مظاهرا

اي پي سي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني، ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ميزباني هيٺ ڪراچي ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي سڏ تي اڄ آچر ڏهاڙي بدامني، ڌاڙيل راڄ خلاف، پريا ڪماري فضيلا سرڪي جي بازيابي ۽ صحافين نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، ٽنڊو محمد خان، دادو ، ڪي اين شاھ ، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊوآدم، ٺٽو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جنهن ۾ شريڪ ماڻهن بدامني جي خاتمي، “ امن کپي، ڌاڙيل راڄ ختم ڪريو” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. احتجاجي مظاهرن کي جماعت اسلامي، ايس يو پي، ايس ٽي پي، جي يو آءِ، شيعه اڳواڻن، صحافين، اقليتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن خطاب ڪندي حڪومت کان گهر ڪئي ته امن جي ڌرتيءَ سنڌ کي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ کان نجات ڏياري وڃي. سنڌ جي نياڻين پريا ڪماري، فضيلا سرڪري کي بازياب، شهيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي حقيقي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ڌاڙيلن ۽ سندس سرپرست ظالم ڀوتارن خلاف ڀرپور آپريشن ڪري امن بحال ڪيو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي دادو، ميهڙ ۽ ڪي اين شاه ۾ احتجاجي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاڙيلن جو راڄ آهي جنهن کي پ پ حڪومت جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي، ڪنهن به شهري جي جان ۽ مال محفوظ ڪونهي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن توڙي جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي نالي تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جو عوام امن لاءِ واجهائي رهيو آهي، ڪراچي ۾ روز ڪونڌر ڪسجي رهيا آهن، ڪچي جي زرخيز زمين جي فصلن عيوض سنڌ کي تباهه ۽ ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏيڻ ڌرتيءَ سان غداري آهي. عوام جي حفاظت لاءِ مقرر سيڪورٽي ادارا توڙي حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيا آهن. هن گهر ڪئي ته بدامني جي خاتمي، امن جي بحالي لاءِ اثرائتا قدم کڻي سنڌ جي عوام کي سُک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. ميڙاڪن کي ضلع دادو جي امير عبدالرحمن مڱريو، محمد موسى ٻٻر ۽ امتياز چانڊيو پڻ خطاب ڪيو. شڪارپور: جماعت اسلامي ضلع شڪارپور پاران ضلع شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامڻي ، اغوا برائي تاوان قبائلي جھيڙن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،شڪارپور ، ريلي سوئي گئس آفس کان ايس ايس پي آفس تائين ڪڍي وئي، ريلي جي قيادت جماعت اسلامي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سھتو ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي،مقامي امير مولانا صبغت الله منصوري،ايڊوڪيٽ عبدالقادر ابڙو،اسد الله سومرو، اعجاز ڪاڪيپوٽو، احسان جيھو، فضل الله نوراني۽ ٻين ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ممتاز حسين سهتو چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون ۽ ان جا رکيل آفيسر خود ڏوھن ۽ اغوائن ۾ ملوث آھن، جنھن جو ثبوت خود ڊي آئي جي لاڙڪاڻي جو لکيل آئي جي کي نوٽس آھي پوليس جي اغوائن ۾ ان جو رکيل اھلڪار آھي،اھو ڏينھن خالي نه آھي جنھن ڏينھن ڪا ڦر جي واردات نه ٿي ھجي،شڪارپور، پاڪستان پيپلزپارٽي سندھ خاص طور تي شڪارپور کي رھزنن، لوڦرن ۽ ڌاڙيلن حوالي ڪري چڏيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ آپريشن ھڪ ڍونگ آھي اڄ تائين ھڪ به ڌاڙيل کي پڪڙيو نه ويو. مغوين جي بازيابي اڄ تائين ڊيل تحت عمل ۾ آيون آھن. ضلع شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني ، اغوا برائي تاوان قبائلي جھيڙن جو خاتمو نہ ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ڪنڌڪوٽ: جماعت اسلامي جي ميزباني ۾ پوري سنڌ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ آل پارٽيز ڪانفرنس جي سڏ تي بد امني خلاف ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر ۽ نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصر الله چنا جن ڪئي جڏھن تہ امير ضلع غلام مصطفي ميراڻي ، ايس يوپي جي دلمراد ڏاهاڻي سميت مختلف سياسي سماجي قومپرست صحافين توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي ـ حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن جي نااھلي ڪري اڄ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ بدامني جي باھ ۾ ٻري رھي آھي. ٺل: ٺل ۾ سنڌ ۾ امن امان،ڌاڙيل راڄ,اغوابراءڀنگ ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي خلاف APC جي سڏ تي جماعت اسلامي جي ميزباني ۾ هڪ زبردست احتجاجي مظاهرو جونگل موڙ کان پريس ڪلب تائين ڪڍيو ويو جنهن جي قيادت حاجي ديدارعلي لاشاري اميرجماعت اسلامي ضلع جيڪب آباد، امدادالله بجاراڻي اميرجماعت اسلامي ٺل ڪري رهيا هيا، ريلي پريس ڪلب رهبر چوڪ پهتي ڪنڌڪوٽ جيڪب آباد روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽هڪ وڏي عوامي جلسي جو روپ اختيار ڪري وئي انهي عظيم الشان احتجاجي ريلي کي حاجي ديدارعلي لاشاري اميرجماعت اسلامي ضلع جيڪب آباد ,امدادالله بجاراڻي اميرجماعت اسلامي ٺل, جمال جوش ٻرڙو ڊويزنل صدر SUP ، حاجي ميرحسن ٻرڙورهنما JUI، عبدالرزاق لاشاري ڊويزنل صدر STP ، اعجاز ڪنراڻي رهنما قومي عوامي تحريڪ،ڪوشش رپورٽر ڪامريڊ عرض بنگلاڻي، اقليتي رهنما ڊاڪٽر شنڪر لال ۽ ٻين خطاب ڪيو.سکر؛ اي پي سي جي سڏ تي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سکر پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھري کي جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامہ حزب الله جکرو ، ايس يو پي جي عيدن جاگيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٽنڊو محمد خان : جماعت اسلامي سنڌ جي ميزباني ھيٺ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اي پي سي جي سڏ تي ٽنڊومحمد خان پريس ڪلب آڏو بدامني لاقانونيت خلاف صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ رٿيل احتجاجي مظاھري کي سنڌيونائيٽيڊپارٽي جي ضعي صدرعمران لغاري، جماعت اسلامي جي عامر شيخ ۽ ٻين ساٿين خطاب ڪيو. ٽنڊوآدم پريس ڪلب سامهون ضلعي امير عبدالغفور انصاري، ٺٽو پريس ڪلب تي ضلعي امير الطاف احمد ملاح، مجيد سمون، لاڙڪاڻو پريس ڪلب تي ضلعي امير نادر علي کوسو، ايس يوپي جو مظهرمغل، قومي عوامي تحريڪ جي سڪندر لاشاري، جي يو پي جي روشن انقلابي، ايس ٽي پي جو مجيد مغيري خطاب ڪيو.#