سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

نوابشاھھ/سکر/ شڪارپور/ نوشھروفيروز (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سکر، شڪارپور، نوابشاهه، نوشهروفيروز سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا، پگهارن ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ اضافي جو مطالبو، خبر موجب شڪارپور ۾ "ملازمن جي پگهارن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي". آپڪا مرڪز ۽ سنڌ جي سڏ تي شڪارپور جي 20 کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽن جي سوين ملازمن جي احتجاجي ريلي, آفيسن جون تالابندي, پريس ڪلب آڏو احتجاج, ڌرڻو سخت نعري بازي. تفصيل موجب آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن (آپڪا) مرڪزي ۽ صوبي سنڌ جي سڏ تي آپڪا ضلع شڪارپور جي ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي جي اڳواڻيءَ ۾ 20 کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽن ھليٿ، ايجوڪيشن، پاپوليشن, لوڪل گورنمينٽ, ميونسپل، روڊس، پبلڪ هيلٿ، سوشل ويلفيئر، ڪاليجز، فوڊ، فاريسٽ، ايجوڪيشن ورڪس، ھائي ويز، بلڊنگس روينيو، ايريگيشن، اسڪارپ ڊرينيج، ايڪسائيز سميت ٻين ڊپارٽمينٽن جي سوين ملازمن ڊي اي او پرائمري ايجوڪيشن آفيس کان ريلي نڪتي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي جماڻي ھال چوڪ تي پھچي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو بعد ۾ ريلي پريس ڪلب پھتي جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي ،تمام آفيسن جي تالابندي ڪئي وئي. ريليءَ ۾ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي مظاهرين کي خطاب ڪندي ضلعي صدرعبدالوهاب ڪاغذي، مجاهد حسين لانگاھ، نظير حسين شاه ، آغا شھيب پٺا ڻ ،محمد اسلم شيدي، شفيق احمد شيخ ،تعلقہ صدر ڳڙهي ياسين عنايت الله ميمڻ،تعلقہ صدر لکي محمد الياس مھر ،جاويد احمد سومرو،گل حسن ابڙو، محمد سچل ڀيو ، عبدالوحيد ڄامڙو ، امجد آرائين، محمد عذير قريشي ،شاھد علي ميمڻ ،عبدالبصير سومرو ، رشيد شاه ،شيراز علي ڪيھر ،طارق محمود دائود پوٽو ،محمد يونس لاکو ،مولا بخش ڀٽو، عبدالرشيد سومرو ، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران پيٽروليم شين، گئس، بجلي، کاڄرو تيل، گيهه سميت روز مرهه جي استعمال ٿيندڙ شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري غريب عوام ۽ ملازمن مٿان بم اڇلايو آهي، هن مهانگائي جي دور ۾ ملازم طبقو ۽ غريب عوام سخت پريشان آهي, جيڪو ٻه ويلا ماني کائڻ کان قاصر آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ملازم طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. مظاهرو ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي کي مدنظر رکندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ فوري طور 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. گروپ انشورنس ملازمن کي ريٽائرمينٽ وقت گروپ انشورنس ڏني وڃي. ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪري ناجائز ڪٽوتيون بند ڪيون وڃن. تمام ڪلارڪن کي ٽائيم اسڪيل ۽ رڪيل اپگريڊيشن ڏني وڃي. ڪلارڪن کي فل ميڊيڪل سهولت ڏني وڃي هائوس رينٽ ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. سرڪار پاران پينشن پاليسي ۾ تبديليءَ کي جلد از جلد ختم ڪيو وڃي. ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ فوتي ملازمن جي اولاد جي ڀرتي جو اختيار ضلعي آفيسرن کي ڏنو وڃي.آپڪا اڳواڻ حڪومت کان پرزور لفظن ۾ مطالبو ڪيو ته حڪومت سنڌ کي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ منظور نه ڪيا ويا تہ 6 جون تي اسلام آباد ايوانن آڏو ۽ 10 جون تي ڪراچي وزير اعلي ھائوس جو گهيراء ڪيو ويندو.سکر ۾ آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسئيشن پاران نٽهڻ گرميءَ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مختلف سرڪاري کاتن جي ڪلارڪس ۽ ٻين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين پاران ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن، پينشن ۾ مهانگائيءَ جي حساب سان اضافو ڪرڻ جو مطالبو ، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سفري الائونس، رينٽ الائونس، ميڊيڪل الائونس به مهانگائي جي حساب سان وڌايا وڃن. گهاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ سبب پگهاردار طبقو معاشي مسئلن جي ور چڙهيل آهي پگهار مان ماهوار راشن، گئس، بجلي جو بل، ڪرايو ڀاڙو ادا ڪريون يا ٻارڙن جي اسڪولن جون فيسون؟ ڏک، سک، بيماري جي صورت ۾ اسپتالن ۾ علاج لاءِ ڳرا بل ڪيڏانهن ادا ڪيون؟ ايپڪا سنڌ جي صدر مقبول مهر جي هدايتن تي پوري سنڌ جي پريس ڪلبن آڏو اڄ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 10 جون تي سي ايم آفيس ڪراچي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ڌرڻي ۾ پوري سنڌ جا هزارين ملازم شرڪت ڪندا. ڌرڻو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو. نواب شاھ ۾ آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسي ايشن سنڌ جي مرڪزي سڏ تي نواب شاھ جي ڪلارڪن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ اڪبر زرداري، عرض محمد چانڊيو، امير بخش بڙدي، الله بچايو قريشي، ڌڻي بخش ملاح، بادل شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڇ ايم خوجا کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نواب شاھ پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پگھارن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، ميڊيڪل الائونس 15 ھزار مقرر ڪيو وڃي، ھائوس رينٽ 30 ھزار مقرر ڪيو وڃي، ادارن کي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، ڪنوس الائونس 15 ھزار ڪيو وڃي، نان پروموشنل پوسٽن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، اڪائونٽس ڪلارڪن کي 15 گريڊ ۾ پڪو ڪيو وڃي، پينشن ۾ 100 سيڪڙو واڌارو ڪيو وڃي، سنڌ جي بلدياتي ملازمن جون پگهارون پينشن ٽريزري جي ذريعي ادا ڪئي وڃي، ھنن چيو ته جيڪڏھن اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 10 جون تي ڪراچي پريس ڪلب ۽ وزير اعليٰ ھائوس ٻاھران احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو. نوشهروفيروز ۾ آپڪا پاران مھانگائي ۽ ملازمن کي گھربل مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو تھ مھانگائي ماڻھن جو جئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي. ملازمن جون پگھارون 2 سئو سيڪڙو وڌايون وڃن. لوڪل گورنمنٽ ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪيون وڃن. سنڌ جي ملازمن جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي.