ملير: ابراهيم حيدري ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ فيڪٽريز خلاف آپريشن شروع

ملير: ابراهيم حيدري ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ فيڪٽريز خلاف آپريشن شروع

ملير: ابراهيم حيدري ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ فيڪٽريز خلاف آپريشن شروع

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجهريو)ابراهيم حيدري ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ فيڪٽريز خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪريڪ ڊائون دوران غير قانوني اڏاتون ڊاهي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس به داخل ڪيو ويو اي سي ابراهيم حيدري سائره بانو جي قيادت ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس انچارج سب انسپيڪٽر جبار ۽ ابراهيم حيدري ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد ابڙو جي موجودگي ۾ آپريشن ڪيو ويو غير قانوني طور اڏيل فيڪٽريز ۽ ٻيون عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، جڏهن ته سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي انچارج اينٽي انڪروچمينٽ جبار فيروزاڻي ٻڌايو ته ابراهيم حيدري، جمع ڳوٺ ۽ الياس ڳوٺ ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته ڊي سي ملير، اي سي ابراهيم حيدري، ابراهيم حيدري ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي آپريشن ذريعي غير قانوني اڏاوتن ۽ فيڪٽريز کي بلڊوز ڪيو ويندو