قاضي احمد: ڳوٺ فتح محمد چانڊيو ۾هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، گھر ڌڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

قاضي احمد: ڳوٺ فتح محمد چانڊيو ۾هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، گھر ڌڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

قاضي احمد: ڳوٺ فتح محمد چانڊيو ۾هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، گھر ڌڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ فتح محمد چانڊيو ۾ 5 موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن گھر ۾داخل ٿي فائرنگ ڪري گوليون ھڻي ننڊ ستل 9 ٻارن جي پيُ جنس جي واپاري فتح محمد چانڊيو کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا قتل جي اھڙي واقعي بعد اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متقول جي لاش کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جو مڙھ گھر پھچڻ تي چوطرف ڪهرام مچي ويو هٿياربندن هٿان گوليون ھڻي قتل ڪيل پيرسن جي وارثن لکاڏنو چانڊيو ارباب چانڊيو مسمات صدوري چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي پوليس مٿان الزام هنيو آھي ته قتل جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء مقتول جي پٽ کي حراسا ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي ڦر ڪرڻ جي ارادي سان هٿيار بند گهر اندر داخل ٿيا آھن مزاحمت تي فائرنگ ڪري اسان جي ھمراه کي قتل ڪيو ويو آھي انصاف نه ٿيو ته نيشل هاء وي روڊ بلاڪ ڪنداسين پيرسن فتح محمد چانڊيو جي وارثن انصاف لاء ڳوٺ کان لاش قاضي احمد نيشنل ھاء وي تي رکي احتجاجن ڌرڻو ڏئي قومي شاھراه رڪاوٽون وجھي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻنھي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند رهي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون مسافر گاڏيون ڦاٿل رھيون ٻن ڪلاڪن تائين مين روڊ بند رهيو جنهن بعد پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ڊي ايس پي قاضي احمد مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪري کين انصاف جي يقين دھاني ڪرائي روڊ بحال ڪرائي ڇڏيو وارثن موجب قتل جي واقعي جي گھڻ رخي جانچ ڪري قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي