نوشھروفيروز ۾ روھڙي ڪئنال ڊويزن مورو پاران ڦل ريگيوليٽر وٽ اقبال لاڙڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشھروفيروز ۾ روھڙي ڪئنال ڊويزن مورو پاران ڦل ريگيوليٽر وٽ اقبال لاڙڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشھروفيروز ۾ روھڙي ڪئنال ڊويزن مورو پاران ڦل ريگيوليٽر وٽ اقبال لاڙڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊ ر) روھڙي ڪئنال ڊويزن مورو پاران ڦل ريگيوليٽر تي شهيد اقبال لاڙڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج نئين چونڊجي آيل آل سنڌ ايريگيشن يونيز فيڊريشن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، احتجاج جي اڳواڻي آل سنڌ ايريگيشن يونينز فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ، روهڙي ڊويزن ايٽ مورو جو اڳواڻ محمد يعقوب وڳڻ، اسڪارپ ايمپلائي يونين نوشهرو فيروز جو صدر محمد يوسف منگي، حافظ غلام عباس ٻوهيو، ايريگيشن يونين اڳواڻ محمد خان مشوري، علي نواز سولنگي، خادم حسين مري، محبتي ملاح ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا ان موقعي تي هنن چيو ته ڪافي ڏينهن گذري ويا آھن پوليس شهيد اقبال لاڙڪ جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آھن پوليس روايتي طور خاموش تماشائي بڻيل آھي آل سنڌ ايريگيشن جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آھن پر افسوس سنڌ حڪومت صرف بيان ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو آھي سنڌ جو گهرو وزير ضلعي نوشهرو فيروز جي تڪ مان چونڊيل آھي جيڪڏهن اهو پنهنجي ضلعي ۾ امن ڪرائڻ سان گڏ شهيد اقبال جا قاتل گرفتار نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ڇا ڪندو سڄي سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو هو ايس ايس پي صدام حسين يقين ڏياريو هو ته هڪ هفتي اندر قاتل گرفتار ڪيا ويندا پر قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن ان لاءِ اسان انتظاميا جي الٽيميٽم ٿا ڏيون شهيد اقبال جا قاتل گرفتار ڪيو ٻي صورت ۾ ڊي آئي جي آفيس شهيد بينظير آباد، سنڌ اسيمبلي سميت آءِ جي آفيس ڪراچي آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، ۽ آخر ۾ شاخن ۽ ڪينالن جون ماپون ڏيڻ بند ڪيون وينديون، احتجاج بعد آجياڻي واري تقريب شروع ٿي آيل مهمانن کي ٽوپيون ۽ اجرڪ پارايا ويا ان موقعي تي آل سنڌ ايريگيشن يونينز فيڊريشن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ چيو ته بابا کي بيگناه قتل ڪيو ويو آھي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونهي ڪيو بابو سڄي سنڌ جي پورهيت اڳواڻن جو اڳواڻ هيو ان هزارين ڪچا ملازم پڪا ڪرايا، ٽائيم اسڪيل سميت پورهيتن جا پروموشن ڪرايا سڄي عمر ملازمن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آخر ۾ شهادت جو جام پيتائين هن جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪنداسين مون کي پڪل فصل مليو آھي مان ان ڪري پورهيتن جي هر ڏک سک ۾ گڏ آهيان