قاضي احمد جي ڳوٺ وريام جي کوهي ۾ ڳوٺاڻن ٻارڙِي جو لاش دفنائڻ کان سندس والدين کي روڪي ڇڏيو

قاضي احمد جي ڳوٺ وريام جي کوهي ۾ ڳوٺاڻن ٻارڙِي جو لاش دفنائڻ کان سندس والدين کي روڪي ڇڏيو

قاضي احمد جي ڳوٺ وريام جي کوهي ۾ ڳوٺاڻن ٻارڙِي جو لاش دفنائڻ کان سندس والدين کي روڪي ڇڏيو

قاضي احمد(رپورٽر) قاضي احمد جي ڳوٺ وريام جي کوهي جي رهواسي زال مڙس فوتي نينگري جو لاش اباڻي قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏيڻ بعد لاش کڻي تعلقا پريس ڪلب پھچي ويا انصاف جون دانهون ، قاضي احمد جي ڳوٺ وريام جي کوھي واسي عبدالحمید مهر سندس زال بيربل مهر تعلقا پريس ڪلب ۾ نياڻي جو لاش کڻي احتجاج ڪيو ۽ دانهيندي چيو ته ڪجھ سال اڳ پيار جو پرڻو ڪيو جنهن تي ساهرا ناراض ٿيا ۽ اسان کان عيوضي ۾ سڱ چٽي ۾ به ورتو ۽ ڳوٺ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي جنهن ۾ عبدالجبار مهر عبدالهادي مهر نياز الله مهر انور مهر اصغر مهر رشيد مهر نور الله مهر شامل آهن اسان جي معصوم نياڻي فوت ٿي وئي آهي ان جو لاش کڻي ڳوٺ دفنائڻ آيا آهيون پر اسان زال مڙس کي لاش دفنائڻ نٿا ڏين ۽ چون ٿا ته اوهان ڳوٺ نه اچو ٻيو ڪو اچي نياڻي جو لاش دفنائي وڃي هنن اسان سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هاڻي نياڻي جو لاش ڪاڏي ڪيون ڪٿي دفنايو ۽ اسان زال مڙس ۽ مائٽ کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن کان تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي هڪ سال اڳ مذڪوره ناري پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد ناري جي وارثن جوڙي کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هوئي جيڪي هڪ سال کان ڪراچي ۾ رهندڙ ھئا جتي اڄ نينگري فوت ٿي وئي سندس لاش ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنائڻ لاء زال پ مڙس پهتا ته کيس فوتي نينگري جو مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ کان روڪيو ويو