ٺٽو: جنگشاهي پوليس هٿان مبينا قتل ٿيل ڳوٺاڻي واري واقعي جو ڪيس داخل، وارثن پاران رات کان لڳل ڌرڻو ختم

ٺٽو: جنگشاهي پوليس هٿان مبينا قتل ٿيل ڳوٺاڻي واري واقعي جو ڪيس داخل، وارثن پاران رات کان لڳل ڌرڻو ختم

ٺٽو: جنگشاهي پوليس هٿان مبينا قتل ٿيل ڳوٺاڻي واري واقعي جو ڪيس داخل، وارثن پاران رات کان لڳل ڌرڻو ختم

ٺٽو(شفيق ڀٽي) جنگشاهي پوليس جي مبينا تشدد ۾ ڳوٺاڻي شھباز سمون جي فوت ٿيڻ واري معاملي خلاف وارثن ۽ سمان برادري جو لاش سميت سڄي رات مڪلي باء پاس تي ڌرڻو سڄي رات گذرڻ بعد ڪالھھ صبح جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ختم ڪيو ويو، جنھن بعد مبينا قتل ٿيل شھباز سمون جو لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو، سڄي رات جي احتجاج دوران صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي پهچي احتجاج ڪندڙن سان همدردي جو اظھار ڪري کين انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائڻ ۽ بعد ۾ ڊي ايس پي ٺٽو سٽي وقار ميمڻ پاران ساڻن ڳالهين بعد ڳالهيون ڪامياب ٿيون، جنگشاهي پوليس پوسٽ جي انچارج فيصل اعجاز سميت 5 اهلڪارن خلاف مبينا تشدد ۾ مارجي ويل شھباز سمون جو قتل ڪيس مڪلي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو مڪلي ٿاڻي تي فوتي شهباز سمون جي ڀاء يوسي سيڪريٽري ممتاز سمون جي فرياد تي ايف آء آر داخل ڪئي ويئي قلم 302 پي پي سي تحت جنگشاهي چوڪي جي انچارج سب انسپيڪٽر فيصل اعجاز سپاهي ۽ چئن سپاهين منظور پليجو پيرداد جوکيو الهرکيو جوکيو ۽ ظفر پليجو خلاف قتل جي ايف آء آر داخل ڪئي ويئي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ جنگشاهي پوليس هاليجي لڳ رات ڇاپو هڻي شھباز سمون سميت چئن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪيو هو جن مان هڪ ڳوٺاڻو شھباز سمون پوليس حراست ۾ فوت ٿيڻ بعد سندس لاش پوليس جنگشاهي ۾ ڇڏي فرار ٿي وئي هئي ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو نوٽيس وٺندي چوڪي انچارج فيصل اعجاز ۽ چئن اهلڪارن کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏنو هو پوليس پاران دعوي ڪئي وئي ته هاليجي لڳ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي فوتي سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو پوليس فوت ٿيل شھباز جو موت پوليس حراست ۾ طبيعت خراب ٿيڻ بعد جنگشاهي اسپتال پهچائڻ ۽ سندس موت دل جي دوري سبب ڄاڻايو ويو هو