ميھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پھتو

ميھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پھتو

ميھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پھتو

ميھڙ (رپورٽر)ميھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار جي نبيري لاء ميڙ منٿ قافلو پھتو جنهن کي مان ڏيندي ٻئي ڌريون فيصلي لاء راضي ٿي ويون ٻنهي ڌرين پاران برادري جي معزز ماڻهن سان صلاح مشوري بعد فيصلي جي تاريخ طئي ڪئي ويندي ميھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان چار سال پھرين 2 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا جنهن سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري خون ريزي جو خطرو وڌي ويو ھو ٻنهي ڌرين ۾ ٺاھ لاء چانڊیہ اتحاد پاڪستان جي چيئرمين خليل احمد چانڊيو صوبا سنڌ جو صدر علي رضا چانڊيو جنرل سیڪریٽری سنڌ اياز حسين چانڊيو پريس سيڪريٽري اعجاز چانڊيو جي قيادت ۾ ميڙ منٿ قافلو ناراض ڌرين وٺ پھچي ويو جڏهن ته ٻئي ڌريون ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي لاء راضي ٿي ويون سندن چوڻ ھو ته ھو پنهنجي پنهنجي برادري جي معزز ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري فيصلي لاء تاريخ طئي ڪندا ان موقعي تي چانڊيا اتحاد پاڪستان جي چيئرمين خليل احمد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اسان ٻنهي ڌرين جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي عزت بخشي ۽ مان ڏنو ھن چيو ته سنڌ ۾ برادري ۽ قبيلائي جھڙن جو خاتمو چاھيون ٿا جھيڙا ڪنهن به مسئلي جو حل ناھن جھيڙن سان ٻنهي ڌرين جو جاني ۽ مالي نقصان ٿٔئي ٿو اسان برادرين جي وچ ۾ امن جا حامي آهيون امن سان ئي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي سمايل آهي ان موقعي تي چانڊيا دادو جو اڳواڻ رئيس مٺل خان چانڊيو اياز چانڊيو ايڊووڪيٽ جاويد چانڊيو مرتضي چانڊيو ۽ ٻيا موجود ھئا