English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھوڪ شريف ۾ ڪجھ مھينا اڳ مبينه قتل ٿيل عورت جي قبر ڪشائي
views
|
21st Apr 2024
•
سنڌي خبرون
جھوڪ شريف ۾ ڪجھ مھينا اڳ مبينه قتل ٿيل عورت جي قبر ڪشائي
سجاول (گلشيرميربحر ) جھوڪ شريف ۾ ڪجھ مھينا اڳ مبينه طور تي قتل ڪيل عورت جي قبر ڪشائي ڪئي وئي، قبر ڪشائي ڪندڙ ڪميٽيءَ کي عورت جي قتل بابت اھم شاھديون ھٿ اچي ويون. جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپور بٺورو جي حڪم تي ڪجھ مھينا اڳ جھوڪ شريف ۾ مبينہ طور قتل ٿيل عورت مسمات سويرا بنت صوفي غلام شبير جي قبر ڪشائي ڪئي. قبر ڪشائي جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپور بٺورو جي موجودگي ۾ ڪئي وئي. جڏهن ته ڪميٽي ۾ فارنزڪ ڊپارٽمنٽ جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر واصق احمد، سجاول جي پوليس سرجن ڊاڪٽر مريم خواجه، ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر گلزار سولنگي، ڊاڪٽر ڪنول، ڊاڪٽر پون ۽ ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر ڪامران شيخ شامل هئا. فارنزڪ ڪاميٽيءَ جي ذريعن مطابق مسمات سويرا تي سخت تشدد جون شاھديون مليون آھن ۽ سندس موت گلو دٻائي ساھ بند ڪرڻ سبب ٿيو آھي. جڏهن ته هن جون کاٻيون پاسراٽيون، نڪ جي ھڏي ۽ منھن جون ھڏيون ٽٽل مليون. ان کان علاوه مسمات سويرا جي دماغ ۾ ڌڪ لڳل ھئا ۽ کاٻي پير جون ھڏيون بہ ٽٽل ھيون. واضح رهي ته مسمات سويرا جي قتل جو ڪيس جھوڪ شريف ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 01/2024 قلم 302-34 پي پي سي تحت داخل ٿيل آھي ۽ مسمات سويرا جي قتل جي الزام ۾ سندس مڙس جوابدار صوفي غيور ۽ سس نگينه پهرين کان گرفتار ٿيل آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سندھ
نعتیہ اشعار دلوں میں عشق مصطفی کا جذبہ پیدا کرتے ہیں، گورنر سندھ
03rd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو
03rd Sep 2025
•
کھیل
آئی سی سی کی نئی رینکنگ، سکندر رضا نمبر ون آل راؤنڈر بن گئے
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
جھمپير جي صحافي جي ڀاءُ جي گهر مان لکين رپين جي چوري
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، سندس معصوم پٽ زخمي
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو، سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي: اياز لطيف پليجو جو سردار اختر مينگل سان فون تي رابطي ۾ اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے