English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سياست ۽ سياسي پارٽين جي سموري ڄاڻ آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي؟: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
views
|
21st Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سياست ۽ سياسي پارٽين جي سموري ڄاڻ آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي؟: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
خيرپور(ڊ ر) شهيد مير مرتضي ڀٽو جو پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سيد ڪاظم علي شاهه جي دعوت تي خيرپور پهتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان في الحال سياست کان ٻاهر آهيان پر سياست ۽ سياسي پارٽين جي سموري ڄاڻ آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي ھن چيو ته آئون سموري سياسي صورتحال کان واقف آهيان پر منهنجي ترجيح سنڌي عوام ۽ سنڌ جو هاري آهي ھن چيو ته سئو سيڪڙو انڌي ٻلهڻ سنڌو درياهه ۾ رهي ٿي ۽ سنڌ جو سئو سيڪڙو عوام سنڌو درياهه تي ڊپينڊ ڪري ٿو ٻلهڻ سنڌو درياهه جي خوشحاليءَ جي علامت آهي جيڪڏهن درياهه ۾ ٻلهڻ موجود آهي ته ان جو مطلب آهي ته درياهه جو پاڻي صاف، گهرو ۽ استعمال جي لائق آهي ھن چيو ته منهنجو ۽ منهنجي آرگنائيزيشن جو مقصد جهنگلي حيات آهي مان سمجهان ٿو ته انسان ۽ جهنگلي حيات جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي جيڪڏهن اسان جون دليون بي زبانن لاءِ کليل آهن ته هر ڪنهن لاءِ کلي سگهن ٿيون ھن چيو ته سٺين توڙي خراب حالتن ۾ آئون سنڌي عوام سان گڏ آهيان ھن چيو ته اسرائيلي شيطان جي پيداوار آهن جيڪي فلسطيني مسلمانن مٿان بي انتها ظلم ڪري رهيا آهن فلسطيني مسلمان الله جي طرف آهن انشاءاللہ اسرائيلي دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندا ھن چيو ته مان سياست ۾ ان ڪري حصو نه پيو وٺان ڇو جو هن ملڪ ۾ جيڪا سياست هلي رهي آهي اها هڪ راند ۽ ڊرامي واري سياست آهي، منهنجو ڪم وائلڊ لائيف آهي منهنجي ڏاڏي جي ڀي دلچسپي وائلڊ لائيف ۾ هئي هو به چوندو هو ته ماڻهن کي اهو نه چئو ته مون کي ووٽ ڏين بلڪه انهن کي سوشلزم ۽ آئڊيولوجي ڏيکاريو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
خيرپور
junior zulfiqar
0 تبصرے