سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بارداڻو ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بارداڻو ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بارداڻو ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

ڪراچي/نوشھروفيروز (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بارداڻو ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج، نوشهروفيروز، سڪرنڊ، گمبٽ، سجاول جوڻيجو سميت مختلف شهرن ۾ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، نوشهروفيروز شھر ۽ آس پاس جي آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگارن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن منير وسطڙو، محمد عالم وسطڙو، غفار مھر، امتياز کوسو، مٺل مگسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي ھٿ وٺي معاشي طور تي بدحال ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته ھڪ طرف زراعت لاءِ پاڻي ناھي، ڳرا خرچ ڪري ٽيوب ويلن ذريعي ڪڻڪ اپائي آھي ته حڪومت ڪڻڪ وٺڻ لاءِ تيار ناھي. جنھن ڪري آبادگار سخت پريشان آھن . ھنن چيو ته فوڊ انسپيڪٽرن ڪڻڪ جو بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏيو آھي ۽ واپارين وري ڪڻڪ جو اگھ ڪيرائي ڇڏيو آھي جنھن ڪري آبادگار سستي اگھ تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. ھنن چيو ته ڊي ايف سي نوشهروفيروز سميت سمورن فوڊ انسپيڪٽرن کي ھٽايو وڃي ۽ بارداڻو آبادگارن کي ڏئي آبادگارن کان سڌي ريت ڪڻڪ خريد ڪري آبادگارن کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. گمبٽ فوڊ گودام انچارج مختيار ھيسباڻي جي ناجائزين خلاف آبادگارن جو فوڊ گودام اڳيان علامتي بک هڙتال، احتجاجي مظاهرو، ڪئمپ قائم. آبادگارن وڏيرو اختيار علي کوکر, وڏيرو پرويز احمد ڀٽي, ستار کوکر ,منور کوکر, شمن گوپانگ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. فوڊ گودام انچارج مختيار علي ھيسباڻي آبادگارن کي بارداڻو نه پيو ڏي نه ئي لوڪل آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري رهيو آهي، فوڊ انچارج واپارين کي پئسن عيوض باردانو ڏئي رهيو آهي. آبادگارن سنڌ حڪومت سميت فوڊ کاتي جي اعلي عملدار کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي باردانو ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.سڪرنڊ ۾ ننڍن آبادگارن کي بارداڻو نہ ملڻ خلاف سڪرنڊ ۾ پاسڪو آفيس ۽ مجيد ڪيريو گندام آڏو رات ڏينهن ٻہ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري آبادگار راجا ارشاد ڪيريو ، نظر گھمڻ نياز چانڊيو طاھر ڪيريو ۽ ٻين پاران بارداڻو نہ ملڻ خلاف احتجاج ڪيو گذريل ڇھن ڏينھن کان مجيد ڪيريو گندام جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ٻئي پاسي بارداڻو نہ ملڻ سڪرنڊ پاسڪو آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيو پر فوڊ انتظاميا ڪوبہ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن تہ سڪرنڊ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ملندڙ ڪوٽا مان آبادگارن کان ڪڻڪ خريدڻ بجاءِ پيڊي واپارين ۽ بااثر ماڻھن کان ڪڻڪ جي خريداري ڪري اسان جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي سرڪاري اگھ ڏھ هزار ھجڻ باوجود واپاري 8000 ھزار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري واپارين کي ٻنھي ھٿن سان ڦوري رھيا آھن ھنن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي تہ معاملي جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي بارداڻو ڏنو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ملان عثمان جتوئي واسي آبادگارن ۽ هارين باردانو نه ملڻ خلاف خوراڪ کاتي جي سينٽر ٻاهران وڳڻ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي آبادگارن ۽ هارين غلام رسول جتوئي، وسيم احمد، حسين علي، نور محمد جتوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن کان اسان ڪڻڪ جا ڀريل ٽريڪٽر ڪاهي خوراڪ کاتي جي سينٽر تي آيا آهيون پر باردانو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي ڪڻڪ جي تور لاءِ ڪانٽي وارا ڏنا پيا وڃن هنن الزام لڳايو ته ڊي ايف سي آغا ذوالفقار پٺاڻ، فوڊ انسپيڪٽر لاڙڪاڻو اعجاز مگسي ۽ فوڊ انسپيڪٽر عاقل رضوان پيچوهو ملي ڀڳت ڪري واپارين کي باردانو ڏئي انهن جي ڪڻڪ جي تور ڪري اسان کان بارداني ۽ تور لاءِ ڳري رشوت گهري پئي وڃي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي هنن خوراڪ کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته باردانو ڏئي تور لاءِ ڪانٽا فراهم ڪري ڊي ايف سي آغا ذوالفقار پٺاڻ، فوڊ انسپيڪٽر لاڙڪاڻو اعجاز مگسي ۽ فوڊ انسپيڪٽر عاقل رضوان پيچوهو خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.