English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ صحت کاتي، مليريا ڪنٽرول پروگرام ۽ اين آر ايس پي جي تعاون سان مليريا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
views
|
25th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ صحت کاتي، مليريا ڪنٽرول پروگرام ۽ اين آر ايس پي جي تعاون سان مليريا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
سجاول (گلشيرميربحر) سڄي ملڪ جيان سجاول ۾ به صحت کاتي ضلعي سجاول ۽ مليريا ڪنٽرول پروگرام ۽ اين آر ايس پي جي تعاون سان سجاول سول اسپتال ۾ مليريا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. مليريا جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ پيراميڊڪل اسٽاف پاران مليريا کان بچاءُ لاءِ ايم ايس آفيس کان بٺورو روڊ تائين آگهائي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ڊي ايڇ او سجاول محمد حنيف ميمڻ، ايم ايس بشيرسولنگي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حبيب الله، مليريا فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشفاق جعفراڻي، اين آر ايس پي طرفان عارف لوھار سميت سول سوسائي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او محمد حنيف ميمڻ، ايم ايس بشير سولنگي ۽ ٻين چيو ته عام طور تي مليريا جي بيماري کي معمولي سمجهيو وڃي ٿو جنهن ڪري بروقت علاج يا ٽيسٽ نه ڪرائڻ جي صورت ۾ مليريا خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. مليريا جي ڪري ٻين بيمارين جي لڳڻ جو خطرو پڻ وڌي وڃي ٿو، مليريا جي بچاءُ لاءِ پنهنجي گهرن کي صاف سٿرو رکڻ ضروري آهي رات جو مڇر دانيون استعمال ڪريو، مليريا جو علامتون ظاھر ٿيڻ شرط جلد از جلد ويجھي ڪنهن ويجھي صحت مرڪز تي وڃي مليريا جي مفت ٽيسٽ ڪرايو. مليريا هڪ قابل علاج آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
DHO maleria
0 تبصرے