English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
views
|
25th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ڪشمور ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ڪشمور(دلبر جاني)ڪشمور ضلعي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن اندر بدامني، ڦُرجي وارداتن اغوا برائي تاوان جي وڌندڙ وارداتن ۽ ضلعي اندر امن امان لاءِ سولنگي ينگ اتحاد ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي خبر موجب :گذريل ڏينهن ڪشمور اندر وڌندڙ بدامني سان گڏوگڏ چاٻي چورن ۽ اغوا برائي تاوان خلاف سولنگي ينگ اتحاد جي اڳواڻن چيئرمين ينگ اتحاد ڪشمور ساجن سولنگي، اصغر علي سولنگي، عبدالغفور سولنگي، شاهنواز سولنگي، شبير خان سولنگي صحافي مهراب علي سولنگي، شهزادو سولنگي، ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي سولنگي ھائوس ڪشمور کان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي مسلم بازار مسلم بازار پھتي جتي سولنگي ينگ اتحاد جو شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي شھري اتحاد شھري ايڪشن ڪاميٽي سياسي ۽ سماجي توڙي صحافي برادري جي اڳواڻن ۽ وڏيري منظوار خان کوسو ديشي نظير مزاري حاڪم ڀٽي ۽ محمد زمان دايو خطاب ڪندي چيو ته هر آئي ڏينهن ڪشمور اندر فائرنگ ڦر ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته ڌاڙيلن طرفان ڪاروبارين کان فون ذريعي ڀتي جي گهُر ڪرڻ ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن گهرن مٿان فائرنگ پڻ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس طرفان ڏوهارين خلاف ڪابه عملي ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته ڪشمور اندر امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
تازہ ترین
تمام سرکاری اداروں میں شفاف طریقے سے خریداری اور خدمات کا حصول حکومت کی اولین ترجیح ہے، وزیراعظم
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
اسماعيل ڏاهري، سندس ڪٽنب ۽ حامين خلاف ڪارروائين پٺيان آصف علي زرداري جو هٿ آهي: حميده ڏاهري
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪشمور
بدامني خلاف ۽ مغوين
0 تبصرے