چڪ: ٻن ڌار ڌار وارداتن دوران 4 ڄڻا مبينا اغوا، مزاحمت تي هڪ ڳوٺاڻو زخمي

چڪ: ٻن ڌار ڌار وارداتن دوران 4 ڄڻا مبينا اغوا، مزاحمت تي هڪ ڳوٺاڻو زخمي

چڪ: ٻن ڌار ڌار وارداتن دوران 4 ڄڻا مبينا اغوا، مزاحمت تي هڪ ڳوٺاڻو زخمي

چڪ لڳ بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ رات دير ٿيل اغوا ٻن ڌار ڌار وارداتن ۾ چار ڄڻا اغوا، مزاحمت تي هڪ ڳوٺاڻو زخمي...بدامني کي روڪڻ لاءِ شڪارپور پوليس ڪوبه قدم نہ کنيو. چڪ جو ڪچو توڙي پڪو مڪمل بدامني جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. چڪ لڳ بچل ڀئي ٿاڻي جي حد مان رات دير سان ڳوٺ محمد پريل مهر واسي چڱي مڙس غلام علي خان مهر جو ڊرائيور عبدالرحيم مهر هٿياربندن هٿان اغوا، مزاحمت تي سندس گارڊ هدايت اللّٰه موٽاڻي مهر زخمي ٿي پيو. ٻي طرف جتوئي برادري جي ڪرسي پاڙي جي ڳوٺاڻن جي چوڻ موجب ساڳئي بچل ڀئي ٿاڻي جي حد مان سانوڻ ڪرسي جتوئي، عبدالصمد ڪرسي ۽ مولابخش ڪرسي جتوئي کي اغوا ڪيو ويو آهي… هڪ ئي رات چئن ڳوٺاڻن جي اغوا واري اطلاع تي شڪارپور پوليس ۾ ٿرٿلو متل آهي.. هوڏانهن بچل ڀيو پوليس پاران چئن ڳوٺاڻن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي. علائقي ۾ وڌيل بدامني ۽ اغوا وارداتن خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.