ڪراچي واسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم عورت کي حيدرآباد ۾ چاهيندڙ پاران گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي واسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم عورت کي حيدرآباد ۾ چاهيندڙ پاران گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي واسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم عورت کي حيدرآباد ۾ چاهيندڙ پاران گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

حيدرآباد:ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون واسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم عورت کي حيدرآباد ۾ چاهيندڙ پاران گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، راهوڪي پوليس اڍائي مهينن بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، راهوڪي پوليس جو چوڻ ھو تھ 9 فيبروري تي زرداري فارم وٽ ڪيلي جي باغ مان منظور ڪالوني واسڻ مسمات خضيري پٺاڻ جو لاش مليو هو مقتول عورت جي ڀاءُ زيارت گل جي فرياد تي نور الدين جمالي نالي شخص خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي هئي ڪراچي جي علائقي منظور ڪالوني جي چنيسر ڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي جوابدار نور الدين جمالي کي گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ٻئي ساٿي سان گڏجي واٽر ونگ ۾ ملازمت ڪندڙ مسمات خضيري پٺاڻ کي اسڪاف سان گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش ڪيلي جي باغ ۾ ڦٽو ڪيو هو راهوڪي ٿاڻي تي مقتول عورت 31 سالن جي مسمات خضيري جي ڀاءُ زيارت گل قتل جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته سندس ڀيڻ جي شادي نور الدين جمالي نالي شخص سان ٿيل هئي ڀيڻ واٽر مينجمينٽ ۾ ملازمت ڪندي هئي جيڪا ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان به محروم هئي ڀيڻ کي حيدرآباد گهمائڻ بهاني سان ڪراچي جي منظور ڪالوني واري علائقي مان 9 فيبروري 2024ع تي نور الدين جمالي گڏ وٺي ويو جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته مسمات خضيري سندس زال ناهي، هو ساڻس محبت ڪندي هئي جنهن جي ڪري کيس زال ۽ ٻار به ڇڏي ويا جڏهن ته ٽن ڀينرن جي به طلاق ٿي تنگ ٿي کيس دوست سان گڏ حيدرآباد گهمائڻ بهاني وٺي آيو جتي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪيلي جي باغ ۾ ڦٽو ڪيو هو