گهوٽڪي ضلعي ۾ قومي شاهراهه جي ٻنهي طرفن کان ڪمند جي فصل جي پوکائي تي پابندي

گهوٽڪي ضلعي ۾ قومي شاهراهه جي ٻنهي طرفن کان ڪمند جي فصل جي پوکائي تي پابندي

گهوٽڪي ضلعي ۾ قومي شاهراهه جي ٻنهي طرفن کان ڪمند جي فصل جي پوکائي تي پابندي

ميرپورماٿيلو(رپورٽر) ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي سفارش تي ضلعي گهوٽڪي ۾ قومي شاهرا جي ٻنهي طرفن کان ڪمند جو فصل پوکڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. نوٽيفڪيشن جاري. خبر موجب ايس ايس پي گهوٽڪي جي سفارش تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي ڪمشنر سکر ڊويزن کي هڪ خط لکي آگاه ڪيو هو ته قومي شاهراه توڙي موٽروي ايم 5 جي ٻنهي طرفن کان ڪمند جي فصل سبب ڄاڻايل هنڌن تي موجود پوليس چوڪين تي مقرر اهلڪارن لاءِ سيڪيورتي خطرا درپيش آهن اهڙي صورتحال جي پيش نظر قومي شاهراه جي ٻنهي طرفن کان ڪمند جو فصل پوکڻ تي پابندي لڳائي وڃي جنهن بعد ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلعي گهوٽڪي جي قومي شاهراه توڙي موٽروي ايم 5 جي ٻنهي طرفن کان 2 مهينن لاءِ 15 سئو ميٽرن تائين ڪمند جو فصل پوکڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.