دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنڊو مري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي

دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنڊو مري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي

دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنڊو مري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي

نوشهرو فيروز(ڊر) زميني تڪرار تان ٻارهون قتل، رپورٽ موجب دريا خان مري ڀرسان وڳڻ برادري ۽ مري برادريءَ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ۾ ھڪ وڌيڪ جان هلي ويئي، ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن وڳڻ برادريءَ جي برقعا پاتل ھٿياربندن ڳوٺ کنڊو مري ۾ يار محمد مري جي اوطاق تي حملو ڪري ڪرايي تي موٽر سائيڪل ھلائيندڙ نوجوان صدام پٽ يار محمد مري کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته گوليون لڳڻ ڪري هڪ واٽهڙو علي حيدر جمالي پڻ زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي فوتي صدام مري جو لاش ۽ زخمي علي حيدر جمالي کي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه ھجڻ ۽ بيگناهه قتل تي فوتي جي وارثن پاران باءِ پاس تي لاش رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي سبب نوابشاهه ۽ نوشهرو فيروز ويندڙ مسافر گاڏيون ٻن ڪلاڪن تائين بيهجي ويون ڊي ايس پي نوشهرو فيروز عبداللّٰه لاکير ۽ ايس ايڇ او دريا خان مري سڪندر چانڊيو مظاھرين سان ڳالهيون ڪري فوتيءَ جو لاش پوسٽمارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر درياخان مري منتقل ڪري روڊ کولرايو ۽ پوسٽمارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جي والد يار محمد مري ۽ چاچي علي گوھر مري ٻڌايو ته 3 ڄڻا ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل تي سوار برقعا پائي اوطاق تي حملي آور ٿيا ۽ بيگناهه نوجوان صدام مري کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته گوليون لڳڻ ڪري علي حيدر جمالي زخمي ٿيو آھي. زخمي علي حيدر جمالي کي علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال نيو ويو. ھنن چيو ته زمين جي تڪرار سان اسان جو ڪوبه واسطو ناھي، بيگناهه خون ڪيو ويو آھي. واضح رھي ته 2 سال اڳ پڻ وڳڻ برادري جي ھٿياربندن دريا خان مري شهر ۾ موٽر سائيڪل جي دڪان تي ويٺل نوجوان بدرالدين مري کي گوليون ھڻي قتل ڪيو هو جنهن جو وڳڻ برادري ۽ مري برادري ۾ فيصلو پڻ ٿيو هو. وڳڻ برادري تي خون ثابت ٿيو ۽ 32 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو هو، پر وڳڻ برادري ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪئي ٻئي پاسي وڳڻ برادري ۽ مري برادري جي 12 ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تان شروع ٿيل جهيڙي سبب جان محمد عرف جانڻ مري، جعفر مري، بلاول مري، بدرالدين مري، صدام مري، ايوب مُوروجو قتل ٿي چڪا آھن جڏھن ته وڳڻ برادري جو رياض علي وڳڻ، استاد ننگر وڳڻ، عطا محمد وڳڻ، اميد علي وڳڻ، صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري قتل ٿي چڪا آهن.