سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد/ننگرپارڪر/ ڏھرڪي(رپورٽرز وٽان) حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سکر مان اغوا ٿيل نياڻي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، معشوق چانڊيو، خادم سمون، بابو ميمڻ، وھاب ڪنراڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي الطاف خاصخيلي چيو تہ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رھيا آھن پر سنڌ حڪومت ننڊ ۾ ستي پئي آھي. معصوم پريا ڪماري سميت اغوا ڪيل سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ اتر سنڌ جا سمورا ضلعا ڌاڙيلن حوالي ڪيا ويا آھن. حڪومت ۽ پوليس ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪيو آھي. ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ بي محفوظ ناھن، اغوا، قتل، ڦرون ۽ ڌاڙا معمول بڻجي ويا آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ نصرت خاصخيلي چيو تہ ڪچي ۾ ڌاڙيل بڪتر بند گاڏين ۽ موبائلن تي وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪن ٿا. ڌاڙيل مغوين تي بي رحم تشدد ڪري وارثن تي ذھني ٽارچر ڪن ٿا ۽ لکين روپيا ڀنگ جو مطالبو ڪن ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ بابو ميمڻ چيو تہ معصوم پريا ڪماري جو اغوا بي رحمي ۽ بي حسي جي انتھا آھي. معصوم نياڻي جي ماءُ ۽ ٻيا وارث مسلسل دانھون ۽ ڪوڪون ڪري رھيا آھن. اھڙو واقعو جيڪڏھن دنيا جي ڪنھن سڌريل ملڪ ۾ پيش اچي ھاتہ وزير استعفي ڏئي ڇڏين ھا ۽ مغوي نياڻي جي گھر پھچي وڃن ھا پر ھتي وزيراعظم کان وٺي وزير اعلي ۽ گھرو وزير خاموش تماشائي ۽ لاتعلق لڳا پيا آھن. سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي پر سنڌ حڪومت بي خبر لڳي پئي آھي. آخر مطالبو ڪيو تہ پريا ڪماري سميت سمورا مغوي فوري بازياب ڪرايا وڃن.باڊهه ۾ 33 مهينا اڳ سنگرار شهر مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول باڊهه جي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن قربان علي نوناري، راجا عباسي شاگردن اجي ڪمار، وقار سنڌي ۽ ٻين چيو ته اڍائي سال اڳ سنگرار شهر مان 10 محرم تي پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو معصوم نياڻي هينئر تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي سندس والدين سان گڏوگڏ سموري سنڌي قوم ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن سنڌ حڪومت، سنڌ هائي ڪورٽ، آئي جي سنڌ، ڊي جي، اعليٰ ادارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي ڪري پريا ڪماري سميت سڀني مغوين کي بازياب ڪرائي سنڌ جي شعور ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ننگرپارڪر ۾ سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، الهرکهيو کوسو، مصطفي دل، ڀيرولال ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ پريا سنڌ سميت اسان سڀني جي نياڻي آهي، جنهن کي ٽن سالن کان اغوا ڪري قيد ۾ رکيو ويو آهي، پريا ڪماري جي آزادي ۾ رڪاوٽ ڀڻيل ڌرين کي وائکو ڪيو وڃي، ٻارڙي پريا ڪماري کي آزاد ڪري سنڌ ۾ امن بحال ڪيو وڃي، ڇاڇرو ۾ به معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان اغوا ڪيل مغوين جي بازيابي لاءِ شهري روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي،شهرين،واپارين ۽ سماجي اڳواڻن سميت ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي مظاهرو جي اڳواڻي ڪندرن ۾ نيڻو مل ڀيل،ٻڍو ڀيل،ڪپل ميشهوري،چندر مهراج،هريش تاراچند،ڊاڪٽر هٺومل،ڪامريڊ سرطو ڀيل سميت ٻين پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي ، اڳواڻڻ جو چوڻ ھو تھ حڪومت پوليس جي ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ ۾ خوف حراس وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي،سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به معفوط نه آهن،اغوا ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن،پريا ڪماري سميت سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن،پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا ڌاڙيلن اڳيان پنهنجي بيوسي ختم ڪن. ٽنڊوغلام علي ۾ پريا ڪماري جي آزادي ۽ آقليت جي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذھب مٽائڻ خلاف جسقم جي ڪارڪنن آزاد خان جمالي, اويس خاصخيلي, ڪامريڊ ڪرشن, عادل مختيار جي اڳواڻي ۾ شهرين اسڪولي شاگردن سان گڏجي چمبڙ ناڪي کان ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪندا پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويهي رھيا جتي ھنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو وڃي نه ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو ودايو ويندو. قمبر ۾ سول سوسائٽي ۽ شاگردن طرفان سنگرار مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ هٿن ۾ پريا ڪماري جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اياز چانڊيو بخت ڀٽو ۽ ٻين چيو تہ سموري سنڌ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جو به نه ٿي چوري جڏھن ته سرڪار سان گڏ چونڊيل نمائندا به خاموش تماشائي بڻيل آهن هنن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪندي خوف واري فضا قائم ڪئي وئي آهي جنهن سان عوام ۾ مايوسي ۽ پريشاني پيدا ٿي وئي آهي سرڪار جي غلط پاليسين جي ڪري هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ پيو سمجهي هنن چيو ته سرڪار ۽ تڪ جا چونڊيل نمائندا سنجيدگي سان تحرڪ وٺڻ ته پريا ڪماري بازياب ٿي سگهي ٿي پر حڪمرانن جي خاموشي ۽ نااهلي سبب پريا ڪماري جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي پر سرڪار کي انهن مٿان ڪو به رحم نه ٿو اچي هنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي هنگامي بنيادن تي بازياب ڪرائي سنڌ ۽ وارثن ۾ به چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. ڏهرڪي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو تھ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي ان جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ جو امن بحال ڪرايو وڃي،