English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا
views
|
01st Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا
نوشھروفيروز/داد لغاري/ چيلھار (رپورٽرز وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪجھ سال اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي آزادي لاء پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو پريا ڪماري جي آزادي لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙن پاران سختي ناري بازي ڪئي وئي احتجاج تي ويٺل اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھندي موقف ڏنو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شي ناھي سنڌ ڌاڙيل راڄ جي حوالي ٿي چڪي آ سنڌ ۾ لاقانونيت ايتري ته وڌي وئي آھي جو سنڌ ۾ ڪير به محفوظ ناھي استادن توڙي شاگردن واپارين سميت ڪو به شھري محفوظ ناھي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ جسقم جي اڳواڻن اياز راڄپر اسد عمراڻي فريد لاشاري رحمان تڳر اويس ڦل ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي پنهنجي امڙ ۽ پي جي حوالي ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، دادلغاري ۾ به پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن طرفان احتجاجي مظاھرو پريا ڪماري کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ، شوڪت گبول ، عباس گبول ۽ باقر شاھ ۽ وفا چنو جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن موجب سنڌ جي نياڻيءَ پريا ڪماري جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪريون ٿا آء جي سنڌ فوري طور نوٽيس وٺي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي،چيلھار ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي احتحاجي مظاھرو ڪيو ويو، سياسي سماجي شاگرد تنظيمن پاران معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء شھر جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. شھرين راجيش ڇانگاڻي مٺومل پرمار. گوبند چيلاڻي. سرويچ راٺوڙ. سباش. گرڌاري مالھي. بيبو مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئي. مظاھرين جو چوڻ ھو تھ معصوم پريا کي اغوا ڪندڙ جو پتو ھئڻ جي باوجود بہ سرڪار ايستائين بيوس بڻيل آھي. انتظاميہ پريا کي بازياب نہ ڪرايو تي سڄي سنڌ بند ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشھروفيروز
جيئي سنڌ قومي محاذ
pirya kumari
پريا ڪماري
0 تبصرے