English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌڙي ۾ نوجوان ناري جو احتجاج، مڙس تي تشدد ۽ نازڪ عضوي ۾ مرچ وجھڻ جو الزام
104 views
|
19th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌڙي ۾ نوجوان ناري جو احتجاج، مڙس تي تشدد ۽ نازڪ عضوي ۾ مرچ وجھڻ جو الزام
سنڌڙي لڳ ڳوٺ ۾ مڙس پاران زال تي تشدد ۽ عورت جي نازڪ عضوي ۾ مبينا طور مرچون وجھڻ جو الزام، متاثرن پاران ڪاروائي ۽ انصاف جي گھر، خبر موجب سنڌڙي لڳ ڳوٺ ابراهيم مري جي رهواسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ ڪويتا ڀيل پنهنجي امڙ ۽ ٻين مائٽن سان گڏ دانهيندي پنهنجي مڙس مٿان الزام هنيو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ هو پنهنجن مائٽن ۾ ويل هئي ته صبح مهل گھر ڀاتي ڪمن تي ويل هئا آءُ گھر ۾ اڪيلي هئس ته سندس مڙس يامين عرف جامي ڀيل گھر ۾ داخل ٿي ڪمرو بند ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بنائڻ بعد عورتن واري نازڪ عضوي ۾ مرچون ڀري ڇڏيو تڪليف ٿيڻ تي مون پاران رڙيون ڪرڻ تي مڙس فرار ٿي ويو جڏهن ته پاڙي وارن مائٽن جي مدد سان مون کي سول اسپتال پهچايو جتي ٻه ڏينهن علاج هيٺ رهيس هنن چيو ته مڙس جي ظلم جي خلاف حد جي دلبر مهر ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪنهن قسم جو ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي ۽ نه وري مڙس کي گرفتار ڪري رهي آهي هنن چيو ته پورو ڳوٺ گواھ آهي ته هن کان اڳ به سخت تشدد ڪندو رهندو هو پر هن ڀيرو هن ظلم ڪيو آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زال تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ مڙس خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف ۽ تعفظ فراهم ڪيو وڃي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي دلبر مهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالرزاق جمالي چيو ته عورت ڪويتا پنهنجي ڀاءُ پريتم سان گڏ مڙس خلاف دانهيون هو اسان کيس ميڊيڪل رپورٽ ۽ علاج لاءِ ليٽر ڏيئي سول اسپتال موڪليو هو اسان کي ميڊيڪل رپورٽ ناهي ملي، هن چيو ته عورت جي شڪايت ملڻ تي سندس مڙس کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس به موڪلي هئي پر هو فرار ٿيل آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ الزام جي تصديق ٿيڻ تي ڪيس درج ڪيو ويندو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوجوان ناري
سنڌڙي
0 تبصرے