مورو ۾ پيرسن عورت جو نياڻين سميت پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو

مورو ۾ پيرسن عورت جو نياڻين سميت پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو

مورو ۾ پيرسن عورت جو نياڻين سميت پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو

مورو)جاني جماڻي( مورو شھر سچل ڪالوني جي رھواسڻ پيرسن رضيہ وسواڻ پنھنجي نياڻين آمنہ ۽ معصوم نينگريءَ مسڪان وسواڻ سان گڏجي مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھن ٻڌايو تہ گذريل رات مورو پوليس گھر تي چڙھائي ڪري گھر مان پٽ محمد علي وسواڻ ۽ ڀائيٽيو طالب وسواڻ کي مارڪٽ ڪري کڻي وئي آھي ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھنن چيو تہ پوليس گھر تي چڙھائي دوران اسان عورتن تي تشدد ڪيو آھي ۽ عورت جي پنجن مھينن جو ٻار پڻ ضايع ٿي ويو آھي اسان جا ٻچا غريب مسڪين پورھيت آھن جيڪي پاٺا ميڙيندا آھن ۽ اسان پيٽ گذران ڪندا آھيون پوليس وڏو ظلم ڪري رھي آھي رات جي اونداھي ۾ گھرن تي چڙھائي ڪري ماڻھن کي کنڀي گم ڪري ٿي ۽ پئسا گھر ڪيا پيا وڃن نہ ڏيڻ جي صورت ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ھاف فرائي جون ڌمڪيون ڏئي ھيسائي رھي آھي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت قرآن پاڪ کڻي عدالت سڳوريءَ وينداسين.