صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ سان سنڌ جي فنڪارن، گلوڪارن ۽ موسيقارن جي ملاقات

صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ سان سنڌ جي فنڪارن، گلوڪارن ۽ موسيقارن جي ملاقات

صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ سان سنڌ جي فنڪارن، گلوڪارن ۽ موسيقارن جي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ سان سنڌ جي فنڪارن، گلوڪارن ۽ موسيقارن جي ملاقات، سيڪريٽري ثقافت سياحت نوادرات ۽ آرڪائيوز خالد چاچڙ، ڊي جي منور مھيسر ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ موجود، ملاقات ۾ شمن علي ميرالي، احمد مغل، ممتاز مولائي، شھنيلا علي، نزاڪت صادق فقير، تاج مستاني،سلمان علوي، طفيل سنجراڻي، اصغر کوسو، سھراب سومرو، استاد فرحان رئيس خان ۽ ٻيا ملاقات ۾ شامل فنڪارن ادڪارن موسيقارن پاران صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کي عھدو سنڀالڻ تي مبارڪون، ملاقات ۾ فنڪارن جي مسئلن، وظيفن، صحت انشورنس ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي گفتگو، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پاران مسئلن جي حل لاءِ ھر ممڪن مدد جي يقين ڌياني، فنڪار ۽ اداڪار اسان جي ثقافت جا سفير آھن، فنڪارن کي انھن جي فن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ مناسب پليٽ فارم مھيا ڪري رھيا آھيون، جلد ئي ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو کي بحال ڪري رھيا آھيون، سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ضلعي سطح تي منعقد ٿيندڙ سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر ايوارڊن ۾ موقعو نه ملڻ تي مقامص انتظاميا سان ڳالهائينداسين،حڪومتي سطح تي ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪنهن سان زيادتي نه ٿئي، فنڪارن جي مسئلن ۽ معاملن تي ھر مھيني ھڪ يا ٻه اجلاس ڪيا ويندا، سنڌ ۾ بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي ان کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ اوھان جي ضرورت آهي، سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته آگسٽ ۾ ڊويزن سطح تي پوري سنڌ ۾ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام شروع ڪيا ويندا، چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو جي نظريي مطابق فنڪارن جي لاءِ صحت ڪارڊ شروع ڪنداسين.