نوشهرو فيروز ۾ دريا خان مري ۾ قتل ٿيل اقبال موروجو جي وارثن جو احتجاج

نوشهرو فيروز ۾ دريا خان مري ۾ قتل ٿيل اقبال موروجو جي وارثن جو احتجاج

نوشهرو فيروز ۾ دريا خان مري ۾ قتل ٿيل اقبال موروجو جي وارثن جو احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊر) 20 ڏينھن اڳ دريا خان مري ۾ قتل ٿيل اقبال موروجو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي غلام مصطفي، غلام فاروق موروجو ۽ ٻين چيو ته اقبال موروجو کي 20 ڏينھن اڳ بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو جنھن جو ڪيس جوابدار نصير، ظفر، رحمت الله موروجو ۽ ٻين تي داخل آھي. جن مان 3 جوابدار اسان موقعي تي پڪڙي دريا خان مري پوليس حوالي ڪيا. جڏھن ته بقايا چار جوابدار دريا خان مري پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ۽ ايس ايڇ او سڪندر چانڊيو جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي. ھنن چيو ته روپوش جوابدار خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جنھن ڪري اسان عدم تحفظ جو شڪار آھيون. ھنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.