نندو ويجهو سم نالي ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

نندو ويجهو سم نالي ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

نندو ويجهو سم نالي ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

نندو (رپورٽر) نندو لڳ ديھ دستي ۾ سم نالو جي ڪپ ڀرسان 35 سالا نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ تي ڳوٺاڻن نندو پوليس کي اطلاع ڪيو ، نندو پوليس ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ سرزمين تي پهچي لاش کي نندو رورل هيلٿ سينٽر کڻي آياجتي سندس سڃاڻپ فيض محمد ولد ڌڻي بخش لنڊ طور ڪئي ويئي ،اهڙو اطلاع سندس وارثن کي پڻ ڏنو ويو جيڪي پڻ نندو ورل هيلٿ سينٽر پهچي لاش جي تصديق ڪئي انهي موقعي تي فوتي نوجوان فيض محمد لنڊ جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان کي برادري جي ڪجھ مخالفن حسين ،هاشم لنڊ ۽ ٻين ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو آھي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ نوجوان جي پاڻي جي ڪيس بابت بدين ڪورٽ تي تاريخ هئي جنهن تي وڃي رهيو هو ته مخالفن کين قتل ڪيو آھي ، هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي ،هوڏانهن نندو پوليس رابطي تي ٻڌايو ته قتل جي رپورٽ داخل ڪرائي آھي لاش دفنائڻ بعد واپس اچي ايف آئي آر داخل ڪرائيندا ته جوابدارن کي گرفتار ڪندا سين