حيسڪو سانگهڙ, قاسم آباد ۽ نواب شاھ ڊويزنن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، ڪيترائي گرفتار

حيسڪو سانگهڙ, قاسم آباد ۽ نواب شاھ ڊويزنن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، ڪيترائي گرفتار

حيسڪو سانگهڙ, قاسم آباد ۽ نواب شاھ ڊويزنن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، ڪيترائي گرفتار

حيسڪو سانگهڙ ڊويزن سميت قاسم آباد ۽ نواب شاھ ڊويزنن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، ذريعن موجب ايڪسين ۽ ايس ڊي اوز سميت فنانس ڊپارٽمينٽ جا عملدار ڪرپشن ۾ ملوث ڄاڻايا ويا، ايف آئي اي شروعات طور سانگهڙ ڪرپشن معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي

حيدرآباد ۾ ڪارروائين دوران اسسٽنٽ انجنيئر سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ايف آئي اي پاران سانگهڙ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ٺٽي جي ايڪسين سميت 51 آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو

ذريعن موجب ڪيس ۾ نامزد ايڪسين مجيب الرحمان کان فوري طور چارج ڇڏرائي وئي، ڪيترائي آفيسر فرار ٿي ويا، حيسڪو جي ٽن ڊويزنن سانگھڙ قاسم آباد ۽ نوابشاھ ۾ ڪرپشن جي انڪشاف بعد ڪيس داخل ڪيا ويا ڪرپشن الزام هيٺ آيلن ايڪسينز ۾ امير ميمڻ، مجيب الرحمان سيال، عقيل نور ميمڻ، رشيد احمد انصاري شامل، ايڪسين انعام علي ابڙو، ايڪسين نزاڪت علي ميمڻ، اڪائونٽس آفيسر سجاد احمد اوڍاڻو کي نامزد ڪيو ويو

اڪائونٽس شعبي جي غلام محمد، ديپڪ پنياري، وسيم اقبال، افتخار محمود، غلام محمد، سعيد الحسن به ڪيس ۾ نامزد، الطاف احمد سومرو، نعيم الدين، ريحان رياست، عبدالعزيز، عشرت علي خان، صديق سومرو، شيراز، دين محمد به ڪيس ۾ نامزد،