سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي: محمد سليم خان

سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي: محمد سليم خان

سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي: محمد سليم خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان جي صدارت هيٺ سوشل ميڊيا بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سميتا سيد، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا فيصل فاروقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان چيو ته سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي. سوشل ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس واري سافٽ ويئر جو مؤثر استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس سافٽ ويئر بابت تربيت ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ ٿيندڙ تبديلين کان باخبر رهڻ لاءِ آفيسرن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوشل ميڊيا مانيٽرنگ لاءِ ڊائريڪٽوريٽ جي سمورن ملازمن جي حاضري ضروري آهي.