حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز جا دڪانن تي ڇاپا

حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز جا دڪانن تي ڇاپا

حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز جا دڪانن تي ڇاپا

حيدرآباد:ضلعي انتظاميا 16هين ڏينهن به منافعي خور واپارين خلاف ڪارروايون ڪري 24 واپارين کان هڪ لک 15 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو گوشت، ڀاڄين ۽ ميوات جا واڌو اگهه وٺڻ تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز لطيف آباد ۾ اسٽار سپر مارٽ جي مالڪ کان 60 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد عبدالواحد چنا ۽ مختيارڪار فرحان جتوئي عام واهپي جون شيون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ 11 واپارين کان 30 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي احمد مرتضيٰ مختيارڪار غلام مصطفيٰ شر سان گڏجي مارڪيٽن ۾ سرڪاري اگهن جي خلاف ورزي تي 5 واپارين کان 15 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر ٻهراڙي احسن مورائي مختياڪار مسرت مري سان گڏ بازارن جي جائزي دوران 7 منافعي خور واپارين کان 10 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي جو چوڻ آهي ته منافعي خور واپارين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ته جيئن شهرين کي عام واهپي جون شيون سرڪاري اگهن تي فراهم ٿي سگهن