حيدرآباد: ٽنڊو ولي محمد واسڻ نجي اسڪول جي ماسترياڻي 14 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڪيس داخل

حيدرآباد: ٽنڊو ولي محمد واسڻ نجي اسڪول جي ماسترياڻي 14 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڪيس داخل

حيدرآباد: ٽنڊو ولي محمد واسڻ نجي اسڪول جي ماسترياڻي 14 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڪيس داخل

حيدرآباد(بيورو) ٽنڊو ولي محمد جي علائقي مساڻ روڊ وٽان گم ٿيل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي جي اغوا جو ڪيس داخل، مارڪيٽ پوليس 14 ڏينهن گذرڻ باوجود ماسترياڻي کي هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام, وارث پريشان، ماسترياڻي جي والد مائوجي ڪڇي جو چوڻ ھو تھ 13 مارچ تي ڌيءِ وديا ڪڇي گهران پراسرار نموني گم ٿي جنهن جي هر هنڌ ڳولا ڪئي پر ڪٿي به سندس ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو، وديا جي گم ٿيڻ بعد مارڪيٽ ٿاڻي پهچي سندس گمشدگي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس تحرڪ نه ورتو، ڌيءِ وديا کي پاڙيسري نوجوان مصدق کٽياڻ پنهنجي ٻن اڻڄاتل ساٿين سان گڏ زنا جي ارادي سان مبينا اغوا ڪري ويو آهي، 14 ڏينهن گذري ويا آهن پر مارڪيٽ پوليس اڃا تائين نياڻي جي ڳولا شروع ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن مارڪيٽ پوليس نياڻي جي بازيابي کي يقيني بڻائي: مطالبو