سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/نوشھروفيروز/ڪشمور (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، ڪشمور، مورو، رتوديرو،بهرام، ڄام صاحب، ٽنڊو باگو، فيض گنج، ماتلي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران ڪنڌڪوٽ، نوابشاهه، جاتي، باڊهه، مانجهند، ٻانڌي، ٺل ۾ بھ مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جسقم جي ضلعي صدر عزيز الرحمان شيخ، فراز کهاوڙ، راحب سومرو، علي رضا لاشاري، گل محمد جتوئي ۽ ٻين چيو ته گذريل 18 مهينن کان وٺي معصوم نياڻي پريا ڪماري جو 22 مهينا گذرڻ باوجود ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي سنڌ حڪومت تماشائي بڻيل آهي، جيڪڏهن پريا ڪماري جي جاءِ تي ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي ڌيء اغوام ٿئي ها ته کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ سڄي سنڌ کي بند ڪيو وڃي ها، افسوس جو هندو نياڻي لاءِ ڪجھ نه ڪيو ويو آهي هنن گهر ڪئي ته فوري طور تي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي سندس وارثن ۾ پيدا ٿيل مايوسي ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جسقم جساف پاران ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن والي ڏنو سنڌي،بشام سنڌي،ڪامران بنگوار،رفيق لاشاري،امير بخش چاچڙ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم پريا ڪماري کي 3 سال اڳ اغوا ڪيو ويو هو جنھن کي اڄ ڏينهن تائين بازياب نه ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اسان سنڌ جي اعليٰ سطح ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته معصوم ٻارڙي کي آزاد ڪرائي معصوم ٻار جي گهر ۾ برپا ٿيل ماتم کي خوشي ۾ تبديل ڪيو وڃي. ماتلي ۾ اٽڪل 2 سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء ماتلي ۾ جسقم (ق) ماتلي اتحاد ۽ شھرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو . ريلي ٽنڊو غلام علي روڊ کان ڪڍي ويئي جيڪا شھر مان ٿيندي نعريبازي ڪندي پريس ڪلب آڏو پھتي جتي سخت احتجاج ڪندي پريا ڪماري جي بازيابي جي گھر ڪئي ويئي . مظاھري کي خطاب ڪندي مظاھرين رفيق ميمڻ , اويس خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته 2 سال اڳ سبيل ورھائندي نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو ھو جيڪا اڃان تائين بازياب ٿي نه سگھي آھي . ھنن چيو ته پريا ڪماري جو بازياب نه ٿيڻ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ جي برابر آھي پر پوء به پوليس ۽ ٻين رياستي ادارن جي انھي معاملي ۾ سستي ۽ نااھلي سواليـ نشان آھي . مظاھرين طرفان پنهنجي خطاب ۾ نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي جي گھر ڪئي ويئي، ڪشمور ۾ جسقم ڪارڪنن پاران سنگرار واسڻ نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي آڪاش نائچ، شرف الدين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنگرار مان اغوا ٿي ويل نينگري پريا ڪماري کي 2 سال پورا ٿيڻ وارا آهن پوليس ۽ سنڌ سرڪار طرفان سندس بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا جسقم ڪارڪنن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي حڪومت آهي ۽ سکر سنگرار ۾ چونڊيل نمائندا به پ پ جا آهن ته پوءِ سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڇو نه پيو ڪرايو وڃي ڪھڙا بااثر ماڻهن آهن جن خلاف سوشل ميڊيا تي انڪشاف ٿي رهيا ته پريا کي بااثرن حويلي ۾ قيد رکيو آهي ته انهن خلاف جاچ شروع ڪئي وڃي ۽ مغوي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، مورو ۾ جسقم مرڪزي اعلان تي جسقم مورو طرفان مورو پريس ڪلب تي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي قربان ڇڄڙو، نعيم پيرزادو، آزاد امتياز کوسو، زين، سرمد، جبار، مبين، پنھل سنڌي، رشيد، اظھار، مھراڻ، وسيم، انيل سنڌي، نعمان ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. بھرام ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاء حاڪم شاھ ايڪشن ڪميٽي پاران حاڪم شاھ ۾ قمبر-شھدادڪوٽ مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن جي اڳواڻي سيد سحر رضا شاھ, نور احمد بروھي, علي محمد کوسو, صدام حسين مگسي, عثاما مگسي, طالب حسين, سھيل احمد ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، ٻانڌي ۾ بھ ٻہ سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاء جئي سنڌ قومي محاظ يونٽ ٻانڌي پاران محبوب پنڃارو پرويز جمالي آڪاش جمالي وحيد پنڃارو شڪيل کوکر ڪاشف پنڃارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ٻانڌي سامھون مظاھرو پريا ڪماري جي بازيابي لاء جئي سنڌ قومي محاظ مرڪز جي سڏ تي جسقم يونٽ ٻانڌي پاران ، معصوم پريا ڪماريءَ جي جلد بازيابي ۽ ڌاڙيل گردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جتي مختلف سياسي ،سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ڪيڏي نه شرم جي ڳالھ آھي پريا ڪماريءَ ٻن سالن کان يرغمال آھي ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کيس بازياب ناھي ڪرائي سگھيا. ھيڏي ساري فورس ھوندي ڌاڙيلن ،دھشتگردن خلاف ڪاروائيءَ نه ٿيڻ ،سوين سوال اٿاري ٿي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڏوهارين کي آخر ڪَنهِن جي پُٺ ڀرائي آهي جو سنڌ ۾ روزبروز بدامنيءَ وڌندي ٿي وڃي ،روز چوري،ڦر،اغوا، قتل جون وارداتون ٿين پيون ،امامن جي نانء جي سبيل ھلائيندي سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهي. ان موقعي تي مطالبو ڪيو ويو ته پريا ڪُماري ،فضيلا سرڪيءَ سميت سمورن مغوين کي في الفور بازياب ڪرايو وَڃي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني کي ختم ڪري امن ڪرايو وَڃي. جسقم جهڏو جي اڳواڻن ديشي نياز کوسو، عباس کوسو، نعیم ڪلوئي، سجاد چانڊيو، شاهد لاشاري، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي ميڊيا سينٽر جهڏو اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته معصوم پريا ڪماري کي 2 سال اڳ ڏهين محرم تي اغوا ڪيو ويو هو جنهن کي رياست اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ هندو عدم تحفظ جو شڪار آهن سنڌي هندوئن جي نوجوان نياڻين جا جبري مذهب تبديل ڪرڻ ۽ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري هنن کي پنهنجي ڌرتي تان لڏائڻ لاءِ سازش ڪئي پئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته سرڪار سموري سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي ختم ڪرڻ ۾ رياست ناڪام ٿي وئي آهي جيڪا انتهائي شرمناڪ عمل آهي، هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سميت انساني حقن جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي.ڄام صاحب ۾ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ عوامي سٿ جي اڳوڻن سلمان بروھي، عبيداللّه ڏاھري ۽ جسقم اڳواڻن معشوق علي ڏاھري ، عبدالحميد ڏاھري ،عامر منگي ، جمشيد منگي ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ 10 محرم الحرام جي عاشور ڏھاڙي سبيل ورهائيندي اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري گذريل ٻن سالن کان وٺي لاپتہ آھي، ھن وقت تائين معصومہ جو ڏس پتو ئي ناھي پئجي سگهيو ۽ سنڌ حڪومت معصوم پرياڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آھي، جڏھن تہ ملڪ جي ادارن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ پريا ڪماري جا والدين ھن وقت سخت پريشان آھن، ھنن مطالبو ڪيو تہ معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ سخت احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.ٽنڊو باگو ۾ ٽي سال سنگرار مان اغوا ٿيل هندو نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ لاءِ ٽنڊوباگو ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ويرو مل مورواڻي، انور علي جمالي جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن پاران ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.باڊھھ ۾ سکر جي سنگرار شهر مان اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاء يونائيٽڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران وسيم عباس گوپانگ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مانجهند ۾ جسقم جي سڏ تي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڪارڪن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ۾ مختلف سياسي سماجي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ گلشير کوسو سجاد پيرذادو اڪرم کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان اغوا ڪيو ويو پر انتظاميا ۽ حڪومت ڪوبه نوٽيس به پئي وٺي فوري طور ٻارڙي ڱي بازياب ڪرايو وڃي، نواب شاھ ۾ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جسقم پاران جسقم اڳواڻ ھاشم لغاري، طارق سمون، فرمان ملاح، بابو سنڌي، طفيل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان وٺي سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري لاپته آھي، جڏھن ته پوليس ۽ ٻين ادارن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو آھي، ھنن چيو ته پريا ڪماري جا والدين ھن وقت سخت پريشان آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.جاتي ۾ مظلوم بيگنا قيدياڻي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي نه ٿيڻ خلاف جاتي ۾ مختلف تنظيمن پاران عادل لغاري،جي ايم کٽي،عبدالله کٽي،ذولفقر ترڪ جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي معصوم شاگردن سميت شهرين احتجاجي ريلي ڪڊي سخت نعريبازي ڪئي،