ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي ھدايتن تي اي سيز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف بازارن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي ھدايتن تي اي سيز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف بازارن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي ھدايتن تي اي سيز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف بازارن جا دورا

سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي هدايتن تي ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي ضلعي جي مختلف بازارن جو اوچتو دورو ڪري عام واھپي جي شين جي اگهن تي وڪري جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هنن غيرقانوني منافع خوري ۾ ملوث گوشت، سبزي، فروٽ، ڪريانہ ۽ ٻين منافغ خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي دڪاندارن تي هزارين رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي دڪاندارن کي سخت وارننگ ڏيندي چيو ته عام واھپي جون شيون مقرر ڪيل اگهن تي وڪرو ڪرڻ کي يقيني بڻائين ۽ سرڪاري اگهن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ سميت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هنن چيو ته منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، ڪنهن کي به ناجائز منافعو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ته جيئن رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ عوام کي مناسب اگهن تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ٿي سگهجن.