جاپان جي 13 رڪني سياحتي وفد جي سنڌ جي قديمي ماڳ موھن جو دڙو آمد

جاپان جي 13 رڪني سياحتي وفد جي سنڌ جي قديمي ماڳ موھن جو دڙو آمد

جاپان جي 13 رڪني سياحتي وفد جي سنڌ جي قديمي ماڳ موھن جو دڙو آمد

موهن جو دڙو(رپورٽر)جپان کان 13 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد جنهن ۾ عورتون پڻ شامل هيون مسٽر سليم بيگ جي نگراني ۾ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. جپان جو پرڏيهي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو، پرڏيهي وفد کي موهن جي دڙي تي مقامي گائيڊ ارشاد علي سولنگي موهن جي دڙي جي قديمي آثارن بابت مڪمل ڄاڻ ڏني. جپان جي آيل وفد جي اڳواڻ مسٽر سليم بيگ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته جپان جي هن وفد جو موهن جي دڙي تي هي پهريون دورو آھي. جپان جي سياحن وڌيڪ چوڻ هو ته سندن وڏي خواهش ھئي ته هو پاڪستان وڃي قديم تهذيبون گهمي ڏسن. چپاني سياحن دعويٰ ڪئي تہ سنڌ جي هن عظيم تاريخي ماڳ موهن جو دڙوکي ڏسي کين حيرت ٿي آهي. هنن چيو تہ سنڌ جا ماڻهو دنيا کان گهڻو اڳ سڌريل ۽ تهذيب يافتہ هئا.